ڊگھڙي ۾ آبادگارن جا مٿي تي ھٿ،بصر ۽ ٽماٽا سستا

ڊگھڙي(ن ع آ) سنڌ آبادگار اتحاد جي ضلع صدر چوڌري سيف الله گل،تعلقي صدر ڪاشف اڪبر جوڻيجو،ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ نصير احمد رمداڻ،سليمان نوحاڻي ۽ ٻين ڊگهڙي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت سنڌ جو آبادگار سخت پريشاني جو شڪار آهي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ پاڻي جي واري بندي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ سان گڏ تازو ٽماٽو ۽ بصر جو فصل مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي پر آبادگار ۽ هارين سان ظلم اهو ٿي رهيو آهي ته ٽماٽو ۽ بصر سستي اگھ تي خريد ڪيو وڃي پيو هن وقت ملندڙ اگھ ۾ آبادگارن جو فصلن تي ڪيل خرچ ته نه پيو نڪري سگهي ويتر نقصان ٿي رهيو آهي جنهن سان آبادگار ۽ هارين کي معاشي طور تي وڏو نقصان پهچندو،آبادگار شھر جي واپارين ۽ سيٺن کان قرض کڻي فصل جي پوکائي ڪري ٿو جڏهن فصل مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته واپاري ۽ سنڌحڪومت جي ملي ڀڳت سان آبادگارن کان سستي اگھ تي جنسون خريد ڪيون وڃن ٿيون،آبادگارن کي مناسب اگھ نه ملڻ ڪري هن وقت آبادگار لکين روپين جا قرضي ٿي چڪا آهن مسڪين هاري ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آهن، حڪومت جون آبادگار دشمن پاليسيون سنڌ جي زراعت کي هڪ سازش تحت نقصان پهچائي رهيون آهن ته جيئن سنڌ جو آبادگار ۽ هاري خوشحال نه ٿي سگهي ڇو ته آبدگار ۽ هاري خوشحال هوندو ته حڪمرانن کان پنهنجا جائز حق گهرندو جيڪو اهي ڏيڻ نٿا چاھن،هنن چيو ته سنڌ جي آبادگار کي هن وقت ايتري قدر مجبور ڪيو وڃي پيو ته جيئن اهي فصل پوکڻ کان هٿ کڻن ۽ پنهنجون زمينون نيلام ڪن،هنن سنڌ جي آبادگارن کي اپيل ڪئي ته پاڻ ۾ ٻڌي پيدا ڪري حڪمرانن ۽ سرمائيدارن خلاف هڪ وڏي تحريڪ هلائي سنڌ جي زراعت کي بچايون ٻي صورت ۾ پنهنجا ايندڙ نسل تڪيلفن ۽ پريشانين کي منهن ڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.