خانپورمهر ۾ ڀاڻ 3 هزار رپيا ٻوري بليڪ تي وڪرو، آبادگارن جو احتجاج

خانپورمهر (رپورٽ:ميهرمهر) خانپورمهر ۾ بااثر ڊيلر مافيا يوريا ڀاڻ جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري في ٻوري بليڪ تي  3000 هزار روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن جڏھن تہ انتظاميه پڻ ڀاڻ جي ڊيلرن آڏو بيوس بڻجي وئي آهي خانپورمهر ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف جميعت علماء اسلام سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ آبادگارن جو احتجاج جو سلسلو پڻ جاري آهي پر ان باوجود خانپورمهر ۾ ڀاڻ جي هٿراڌو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو بند نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب آبادگار ڀاڻ وٺڻ لاء روزانو ڊيلرن جي دڪانن ۽ مختيار ڪار آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن جي يو آء اڳواڻن حافظ نصرالله گبول ،محمد صديق گڏاڻي، شاهد گڏاڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته انتظاميه جي سستي سبب ڊيلر ڀاڻ ڀانڊن ۾ لڪائي رات جي وقت بليڪ تي في ٻوري 3000 هزار روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن وقت سر فصل کي ڀاڻ نه ملڻ سبب ڪڻڪ جي فصل جي پيدوار گهٽ ٿيڻ ۽ ڪڻڪ جو سنگين بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي آبادگارن ڊي سي گهوٽڪي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور خانپورمهر ۾ ڀاڻ جي هٿراڌو کوٽ ختم ڪري بليڪ تي وڪرو بند ڪرائي ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ڀاڻ فوري طور هارين ۽ آبادگارن کي مقرر اگهه تي ڏياريو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.