قومپرست سياست ۾ عورتن کي اڳتي آڻڻ چاهيون ٿا: نواز زنئور

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ذيلي فرنٽ سنڌي قومي ناري تحريڪ ڪراچي ڊويزن جو اجلاس جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زئور جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ سنڌي قومي ناري تحريڪ ڪراچي ڊويزن لاءِ عهديدار چونڊيا ويا، جنهن موجب عروج کي چيف آرگنائيزر ۽ سسئي ڳورڙ ۽ صفيا کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. اجلاس ۾ قومي ناري تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي آرگنائيزر ڊاڪٽر برکا زنئور ۽ دريا خان پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز خان زنئور چيو ته عورتن جو سياسي ڪردار تمام وڏي اهميت رکي ٿو. جنهن قوم جون عورتون باشعور هجن ۽ سياست سميت زندگي جي مختلف شعبن ۾ متحرڪ ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪنديون هجن، اها قوم زندگي جي مختلف ميدانن ۾ وڏي ترقي ڪندي آهي. هن چيو ته اسان قومپرست سياست ۾ عورتن کي اڳتي آڻڻ چاهيون ٿا. سنڌي عورتون جڏهن به جدوجهد جي ميدان ۾ آيون آھن تڏهن انهن نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. قومي پارٽي ۽ ان جي عورت تنظيم سنڌي قومي ناري تحريڪ پڻ نئين تاريخ رقم ڪندي ۽ نئين سنڌ جي تعمير ڪندي. هوڏانهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نواز خان زئور چيو آهي ته وفاقي حڪمران عوام جا اهنج گھٽائڻ بدران وڌائي رهيا آهن. مني بجيٽ وسيلي عوام مٿان وڌيڪ مهانگائي مڙھي وئي آهي. جنهن سان ماڻھن جي زندگين ۾ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته عوام تي مهانگائي ۽ ٽيڪسن جا بار ڪيرائڻ بجاءِ ڪابينا جي سائيز گھٽائڻ سان گڏ، وزيرن ۽ مشيرن ۽ حڪومت جا خرچ گھٽايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.