پ پ هميشه اصولن جي سياست ڪئي آهي : خورشيد شاهه

پنوعاقل (ن ع آ  )پيپلز پارٽي سنڌ ۾ مثالي ترقياتي ڪم ڪرايا آھن،جلد بي روزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏئي روزگار سان لڳايو ويندو،اسان عمران نيازي وانگر ڪوڙا اعلان نه ڪنداسون ۽ نه ئي اڳ ڪيا آھن،اھڙو اظھار پ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ گذريل ڏينھن پنوعاقل لڳ پ پ پ جي سرگرم ڪارڪن وي آءِ پي ميراڻي جي ڳوٺ ۾ سندس پٽ جي شادي تقريب دوران سوين ماڻھون سان ملاقات دوران ڳالھائيندي ڪيو،ھن چيو ته پ پ پ ھميشه اصولن جي سياست ڪئي آھي،ھن چيو ته گذريل 2008 دوران اسان جيڪي به اعلان ڪيا ان تي عمل ڪري بي مثال نوڪريون ڏنيون ۽ ترقياتي ڪم ڪرايا،خورشيد احمد شاھ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ ملڪ تي ٻيھر شھيد بينظير ڀٽو جو راڄ ھوندو،شادي تقريب ۾ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو،سردار ڊاڪٽر آفتاب حسين سومرو،سردار مير غلام گوھر چاچڙ،سليم غني ڪلوڙ،رفيق احمد سومرو، تقي خان ڌاريجو،شبير احمد شيخ،ميان عابد انڍڙ سميت ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.