ادارا عورتن متعلق قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن:سنڌياڻي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمراهه سمون، مرڪزي اڳواڻ سڀاني ڏاهري، سنڌو ملاح ۽ مروبت هاليپوٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ پي پي ايڇ آءِ سميت سمورا خانگي توڙي سرڪاري ادارا عورتن متعلق قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. نوڪري وارين عورتن کي حمل دوران ٽن مهينن کان به وڌيڪ موڪل ڏيڻ جي پاڪستان جو قانون تنبيهه ڪري ٿو پر صحت کاتي سميت ڪي به ادارا قانونن تي عمل نه ڪري عورتن تي ظلم ۽ جبر ڪرڻ وارين  جاگيرداري نظام وارين وحشي روشن کي برقرار رکيون پيا اچن. سنڌ سرڪار سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ ڇڏيل سندن مافيائن کي قانون ٽوڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهنڪري عورتن کي حراسان ڪرڻ وارا واقعا معمول بڻيل آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جو چيف جسٽس پي پي ايڇ آءِ ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سميت سمورن خانگي توڙي سرڪاري ادارن جي آفيسرن پاران قانون ٽوڙي عورتن سان ظلم ۽ جبر ڪرڻ وارين روشن جو نوٽيس وٺن ۽ قانون ٽوڙيندڙن درندن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.