لاڙڪاڻي ويجهو نوجوان پاران آپگهات جي ڪوشش، اسپتال منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ ڌامراھه ۾ گهر وارن سان ڪاوڙجي نوجوان محمد علي پٽ غلام جعفر کوکر پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان محمد علي کوکر گهر وارن سان ڪاوڙجي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري .خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.