فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم فيصلو

اسلام آباد (م ڊ ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فنانس ترميمي ايڪٽ ۾ غير ملڪي ڊرامن ۽ اشتهارن جي لاءِ غير ملڪي ماڊلز وٺڻ تي ٽيڪسن ۾ اضافي جو مقصد پاڪستان جي فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فنانس ترميمي ايڪٽ ۾ جتي سينيما ۽ فلم پروڊڪشن جي مشينري تي ٽيڪس نه آهي اتي غير ملڪي ڊراما درآمد ڪرڻ ۽ اشتهارن ۾ غير ملڪي ماڊلز وٺڻ تي وڏو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. انهن قدمن جو بنيادي مقصد پاڪستان جي فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.

  • عندليب عباس جي والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتح خواني

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي ميمبر عندليب عباس جي والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي. جمعي تي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي آغاز تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي چوڻ تي مولانا عبدالاڪبر چترالي عندليب عباس جي والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.