ڪراچي ۾ قتل ٿيل پورهيت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل ٿر واسي پورهيت شاهد راهمون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آل ٿر ليبرس ورڪرس اتحاد جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اتحاد جي اڳواڻن اڪرم علي سميجو، منظور علي نهڙي، مبين مڱريو ۽ ٻين ٿر ۾ روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ، بک ۽ بدحالي سبب اتان جا 70 سيڪڙو رهواسي روزگار سانگي ڪراچي ۽ حيدرآباد جو رخ ڪندا آهن، ٻنهي شهرن مان محنت مزدوري ڪري پيسا ڪمائي پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪن ٿا، پر وڏن شهرن ۾ ٿر جي روزگار لاءِ آيل ماڻهن مٿان ڏاڍ ۽ ڏمر ڪيو وڃي ٿو، کين روزگار ته ڏنو وڃي ٿو پر روزگار ڏيندڙ ماڻهو ٿرين کي انسان ئي نٿا سمجهن ۽ ٿري ماڻهن مٿان تشدد ڪيو وڃي ٿو، 15 ڏينهن اڳ اهڙي واقعي جو شاهد راهمون به شڪار ٿيو، کيس بيدردي سان قتل ڪيو ويو، پر قاتلن کي سزا ناهي ملي سگهي، جنهن ڪري ٿر جا ماڻهو احساس محرومي جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن چيو ته شهيد شاهد راهمون جا وارث هن وقت انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن، تنهن ڪري جلد ئي شاهد راهمون جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ روزگار سانگي ڪراچي ۽ حيدرآباد ايندڙ ٿر جي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.