عمرڪوٽ ويجهو خانگي جيل تي ڇاپو. 55 هاري آزاد

عمرڪوٽ(ڊ ر ) هاري ڪمال ڀيل ۽ شريمتي رڌا زال ڍولو ڪولهي جي ڏنل ڌار ڌار درخواستن تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس جا زميندار جي نجي جيلن تي ڇاپا 55 هاري بازياب عدالت ۾ پيش عدالت هارين مٿان ڏنڊ وجهي ڇڏيو زميندار پاران هارين کي کنڀڻ جي ڪوشش عدالت پاران هارين کي مرضي موجب زندگي گذراڻ جي اجازت کانپو۽ زميندار پاران هارين جي رستا روڪ جي ڪوشش معصوم ٻارن جون ڪوڪون هارين جو زميندار خلاف ڌرڻو هارين جي عدالت کان ٻاهر نڪرڻ تي زميندار علي گل خاصخيلي ۽ ان جا ساٿي جون هارين کي ڌمڪيون هاري عورتن ۽ معصوم ٻارن جو الله والا چوڪ تي ڌرڻو ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي جو مطالبوڪيو. هارين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زميندار علي گل خاصخيلي ظلم ڪندو هو زميندار جي ظلمن کان تنگ ٿي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جج مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حڪم ڏنو پر زميندار اغواڪرڻ  چاهي هنن چيو ته ڪورٽ کان آزادي بعد زميندار  ساٿين سخت تشدد ڪيو آهي ايس ايس پي عمرڪوٽ اغوا ۾ مُلوث ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪري گذريل ڏينهن عدالتي حڪم تي ڪنري ٿاڻي جي پوليس ڪنري ويجهو زميندار علي گل خاصخيلي جي زمين تان 32 ۽ نبي سر روڊ پوليس به دڙيلو ويجهو ساڳئي زميندار علي گل خاصخليي جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي 23 ناحق باندي بڻايل هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو آزاد ڪرايل هارين کي سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاري نجي جيل ۾ قيد هئا پوليس جواب ڏنو ته جي نه  زميندار جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻڻ وقت ڪو به هاري قيد نه هو سڀ هاري آزاد پنهجن گهرن ۾ ويٺل هئا عدالت سڳوري پوليس جو موقف ٻڌڻ کانپو۽ عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ تي ڀيل برادري جي هارين مٿان 15 ۽ ڪولهي برادري جي هارين مٿان 20 هزار ڏنڊ وجهي فوري طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو نبي سر روڊ پوليس پاران بازياب ڪرايل هارين ۾ ڍولو, ڀورو, دودو, راڻو ڪولهي, شريمتي پريمي, راڻي جامي ۽ معصوم ٻار به شامل آھن ڪنري پوليس پاران بازياب ڪرايل هارين ۾ پيرو, ڪانجي, ايسر, چيتن, مولچند، جسيوڏان، جھمون، مومل، شرمانا، لڇمي ڀيل شامل آهن هاري ڪمال ڀيل ۽ شريمتي راڌا زال ڍولو ڪولهي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو هو ته زميندار علي گل خاصخيلي وٽ اسان جا گهر ڀاتي قيد آھن هارين جي عدالت کان ٻاهر نڪرڻ تي زميندار علي گل خاصخيلي ۽ ان جا ساٿي جون هارين کي ڌمڪيون اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هاري عورتن ۽ معصوم ٻارن الله والا چوڪ تي ڌرڻو هنيو ڌرڻو 4 ڪلاڪ لڳل رهيو پر پوليس سميت ڪوبه عملدار لڙي آيو ڌرڻو بنا نتيجي هاري ڌرڻو ختم ڪري هليا ويا هارين چيو ته اسان جا ٻه نوجون زميندار کڻي ويو آهي اسان جي جانين کي خطرو آهي ايس ايس پي عمرڪوٽ اغوا ۾ مُلوث ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪري.

  • ڌاٻيجي جا ڪيترائي ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم، رهواسي تڪليفن جو شڪار

ڌاٻيجي (ن ع آ ) سڄو سال گذري ويو پر ماروئڙا اڃان تائين ساڳئي پٿر واري زندگي گهارڻ تي مجبور تعلقي ساڪري ۾ گذريل 15ورهين کان مسلسل پ پ جي سنڌ حڪومت اچي پئي پاڪستان کان اڳ جا قديمي ڳوٺ عارب جت ،محمد هاشم.مينڌرو ،دوست محمد زنگياڻي ،هوت خان ڪلمتي ،مهران ڪلمتي ،ڳوٺ عبدالوهاب جوکيو ،خداڏنو شيخ ،جيند خان ڪلمتي ،ڪرمي ڪلمتي ،ڇڇر ملاح سميت ٻيا ڳوٺ ھن جديد دور ۾ بنيادي سهولتن پئيڻ جو پاڻي ،بجلي ،گيس ،سيورج نظام سميت روڊ رستن،ڊسپنسري  سميت هڙن  بنيادي سهولتن کان محروم رکيو  ويوآھي . جڏھن ته ڀرسان ٺھندڙ غير قانوني پلاٽنگ تي آباد ٿيندڙ ٻاهرين ماڻھن کي بنيادي سهولتن سميت سڀئي سهولتون ڏنيون ويون آھين انهن علائقن ۾ هر دور ۾ پ پ جي حڪومت رهي آھي 2ڀيرا هاڻوڪي سينٽر سسي پليجو ايم پي اي ،۽ مشرف جي دور ۾ امير حيدر شاھ ايم پي اي رهيو آھي هن وقت به ايم پي اي ڄام اويس گهرام جو تعلق  پ پ سان ئي آھي پر تنهن باوجود هنن ڳوٺاڻن کي هڙئي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آھي بنيادي سهولتون ته پنهجي جاء تي پر 2007 ۾َمحترم جي شهادت کانپوء سڙندڙ رڪاڊ کانپوء نئي سر ٺھندڙ رڪاڊ ۾ وڏي هيرا ڦيري ڪري روينيو پاران  انهن ڳوٺن جا نقشا به پڻ غائب ڪيا ويا آھين جيڪا هتان جي قديمي ڳوٺاڻن سان سراسرنانصافي ۽ ظلم آهي هتان جي ڳوٺاڻن ھوت خان ڪلمتي ،صالح محمد مينڌرو ،فيروز جوکيو،روشن ملاح ،عمر زنگياڻي ،اصغر جت ، ظهير جوکيو ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جا ڳوٺ پاڪستان کان اڳ جا قائم آھين پر اسان کي هڙئي بنيادي سهولتن کان محروم رکي ڪري ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي اسان وٽ ڪجھ ڳوٺن ۾ اسڪول آھين ته اتي بلڊنگ زبون حال آھي يا ته وري استادن جي کوٽ جنهن سبب  نئون نسل تعليم کا پري رهڻ سبب مال چارڻ ،مڇي جو شڪار ڪرڻ ،راند روند سبب پٿر واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھي ٻئي پاسي اسان جي ڳوٺن ۾ پئيڻ جو صاف مٺو پاڻي نه هئڻ ڪري ننڊا توڙي وڏاپيٽ جي مختلف بيمارين سميت ڪاري ڪامڻ ۾ پڻ وٺجڻ لڳا آھين وڏي مشڪلن کانپوء ڪاٺين تي رڌ پچاسبب پيرسن عورتون اکين جي نور کان محروم ٿي رهيو آھين جڏھن ته گيس 2ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آھي اهو صرف آيل ٻاهرين ماڻھن کي ڏنو ويو آھي   صحت جو سهولتون نه ھئڻ ڪري ڏورانهن علائقن ڏانهن ڳرا خرچ ڪري پنڌ ڪرڻو ٿو پوي جنهن ويتر اسانکي عذاب واري زندگي گهارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي هنن چيف جسٽس سنڌ کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽس وٺي ڪري کين بنيادي سهولتون ڏياري ڪري وڌيڪ عذاب واري زندگي گهارڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.