ڊگھڙي ۾ پوليس جي ڪارروائي 700 رپيا ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڊگھڙي(ن ع آ) ڊگهڙي شهر جي نيو ڪالوني  وارڊ۔7 مان دڪاندار سريش پٽ چندر لال  لوهاڻي کان ٻه نامعلوم  موٽرسائيڪل سوار ڦورو هٿيارن جي زور تي ست سئو روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا،اطلاع ملڻ تي  ايس ايڇ او ڊگھڙي آفتاب رند پوليس نفري سان گڏ واقعي ڊگهڙي پوليس ڦر ڪندڙ جهڏي واسي اصغر عرف بگا کي گرفتار ڪري ورتو جنهن کان ڦر ٿيل رقم برآمد ڪري ورتي آهي جڏهن ته سندس ٻيو ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

  • انب موري لڳ نينگر کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو

انب موري (ن ع آ) انب موري لڳ ڳوٺ جيئو ڪلوئي جي رهواسي جابر علي منڱڻھار جي چئن سالن جي معصوم پٽ ذيشان علي جيڪو گهر  جي ٻاهران راند ڪري رهيو هو ت  رولو ڪتي ڏاڙھي وڌو جنهن کي مائٽ رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊو جان محمد کڻائي ويا  جتي مٿي م ڇھ ٽانڪا لڳا  ڪتي جي ويڪسين پڻ ڪئي اک م چڪ لڳڻ ڪري ڊاڪٽرن تعلقا اسپتال ڊگهري ريفر ڪيو.

  •  احمد پور لڳ بدامني، گهر ۾ ڌاڙي جي ڪوشش، جوابدار فرار

احمدپور (ن ع آ) احمدپور شھر جي لاڙڪ محلي ۾ نامعلوم چور ڀت ٽپي سماجي اڳواڻ عنايت الله لاڙڪ جي گهر ۾ گهڙي گهر مان ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا جن چور چور ڪئي جنهن کانپوءِ چور فرار ٿي ويا سماجي اڳواڻ عنايت الله لاڙڪ پاران نامعلوم چورن خلاف احمدپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.