ميھڙ ٿاڻي تي سول جج جو ڇاپو، باندي بڻايل نوجوان آزاد

ميھڙ (ن ع آ) ميهڙ جي سيڪنڊ سول جج مجيب الرحمان ڦلپوٽو پاران ميهڙ جي اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو هنيو ، ان موقعي تي جج جو ڇاپو بي ڏوھي باندي بڻايل 16 سالا ٻار محمد قاسم پٽ غلام حسين کوسو بازايب ڪرائي ورتو . ان موقعي تي آزاد ڪيل ٻار تي لاڪ اپ ۾ پوليس تشدد ۾ سبب زخمي هبب سبب کيس سول جج پاران ميڊيڪل ليٽر ڏياري تعلقه اسپتال موڪلي ڇڏيو زخمي 16 سالن جو معصوم محمد قاسم پٽ غلام حسين کوسو کي پوليس تشدد ڪري زخمي هجڻ سبب کيس تعلقي اسپتال مان طبي امداد بعد لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ميھڙ ڇاپي دوران ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي ننڍي منڇي کي ڪجه دير لاڪپ ڪيو ويو بعد ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏيو ، معلوم ٿيو آهي ته بازياب ڪرايل ٻار جي والدغلام حسين کوسو ۽ گل بهار کوسو پاران ميهڙ جي اي ۽ بي سيڪشن پوليس خلاف عدالت ۾ ڌار ڌار درخواست داخل ڪرائي پوليس تي سندن نوجون مظهر کوسو ، احسان کوسو ، محمد قاسم کوسو ۽ ٻين کي غير قانوني طور حراست ۾ رکڻ جي دروجي درخواست داخل ڪئي هئي ، عدالت ميهڙ جي اي ۽ بي سيڪشن پوليس جي ايس ايڇ او کي اڄ عدالت ۾ حاضر ٿي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.