سکر ۾مهانگائي خلاف احتجاج، عمران خان جو علامتي جنازو کڻي ڌرڻو

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر ۾ شهري مهانگائي خلاف روڊن تي نڪري آيا، عمران خان جو علامتي جنازو ڪڍي احتجاج، ڌرڻو، نعريبازي، خبرموجب؛ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافي، بجلي، گئس ۽ تيل جي قيمتن ۾ عوام کي رليف نه ڏيڻ خلاف سکر شهري اتحاد جي سڏ تي وڏي تعداد ۾ شهرين پاران وزيراعظم عمران خان جو علامتي جنازو ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، احتجاج جي اڳواڻي مولانا عبيدالله ڀٽو، فضل الرحمان ڀٽو، مولانا عارف شيخ، هدايت الله ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته موجوده وفاقي حڪومت نئين پاڪستان جي نالي تي عوام کان جيئڻ جو حق به کسي رهي آهي، آئي ڏينهن عام واهپي جي شين سميت مختلف شين تي ٽيڪس لڳائي مهانگائي پيدا ڪئي پئي وڃي، موجوده حڪومت کان عوام بيزار ٿي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪوڙا آسرا ڏئي اقتدار حاصل ڪيو آهي. موجوده حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. مهانگائي سبب غريب ماڻهو ٻن وقتن جي ماني لاءِ به پريشان آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.