فريدآباد مان کنڀي گم ڪيل ظفر چانڊيو آزاد نه ٿيو، امڙ روئي روئي بيحال

فريدآباد ( ن ع آ )فريدآباد لڳ ڳوٺ مٿين اکڪڍائي جو رھواسي نوجوان ظفر چانڊيو جبري کنڀي گم ڪيل 20 مھينن بعد ظاھر نٿيو ـ سندس جي گھر ۾ اداسي ڇانيل ـ خوشيون موڪلائي ويون ـ ظفر چانڊيو  جي امڙ پنهنجي پياري پٽ لاء روئي روئي حال ھيڻا ڪري ڇڏيا آهن سندس جو والد ولي محمد چانڊيو صدمي ۾ ھڪ سال اڳ فوت ٿي ويو  ـ ھوڏانھن کنڀي گم ڪيل ظفر چانڊيو جي ڀائرن ذاڪر حسين چانڊيو ـ زاھد حسين چانڊيو ـ علي چانڊيو چيو ته اسان جي پياري ڀاء ظفر چانڊيو  کي 20 مھينن جي گذرڻ باوجود  ظاھر ناھي ڪيو ويو ـ ڇا اسان جي ڀاء ظفر چانڊيو  کي آسمان يا زمين ڳھي ويو ـ 2021 سال به گذري ويوـ  پر اسان جي پياري ڀاء ظفر چانڊيو  کي آزاد نه ڪيو ويو آهي ھنن چيو ته انساني حقن جون تنظيمن به نوٽيس ناھي ورتو ـ اسان پنهنجي پياري کي ڏسڻ لاء پريشان آھيون ـ ھنن اقوام متحده انساني حقن جي عالمي ضمير ـ پاڪستان آرمي جي چيف ڪور ڪمانڊر ـ ڊي جي رينجرس سنڌ کي اپيل ڪئي ته اسان جي پياري ڀاء ظفر چانڊيو  کي ظاھر ڪري کين آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.