غوثپور ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارراوئي،گودامن تي ڇاپا

غوثپور( ن ع آ ) علائقي جي سياسي ۽ سماجي ڌرين توڙي مقامي آبدگارن جي شڪايتن تين ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي جي حڪم تي يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪارواين ۾ تيزي اچي ويئي  ايس ڊي ايم تنگواني ڊاڪٽر مظھر دين ٻرڙو ۽ مختيار ڪار آصف بنگوار جو شھر جي مئن بس اڏي ڀرسان واپاري ببلو عرف ونيش ڪمار  جي گودام تي ڇاپو ھڻي يوريا ڀاڻ جون ڏيڍ سئو ٻوريون ھٿ ڪري ورتيون جيڪي واپاري سرڪاري اگھ کان اٺ سئو روپيه في ٻوري بليڪ تي ھلائڻ جي ڳجھي اطلاع ملڻ بعد ڪاروائي عمل ۾ آئي۔ اھڙي واقعي بعد ڀرپاسي جا ڪيترائي مقامي آبادگار اتي پھچي ويا ۽ واپارين خلاف دانھون ڪيون جنھن بعد مختيار ڪار ۽ ايس ڊي ايم پنھنجي نگراني ۾ سمورو ڀاڻ في ٻھ ٻوريون ھڪ آبادگار کي ڏيارايون ويون ۔ ڀاڻ سرڪاري اگھ ارڙھن سئو روپيه تي آبادگارن کي وڪرو ڪرڻ جو عمل جاري آھي۔ ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪاروايون جاري رھنديو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.