خيرپور ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، آبپاشي کاتي خلاف نعرا

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)سنڌو دريا سکر وٽان نڪرندڙ ميرواه ڪينال ،ابل ڪينال ۽ انهن مان نڪرندڙ ڏهن کان وڌيڪ شاخن فيض واه، فيض بهر، سنهڙوواهه،پٽڙي مائينر،ڪولاب جيئل مائينر، ۽ ٻين شاخن ۾ گذريل ٻن مهينن کان وٺي پاڻي نه ڏنوويوآهي جنهن عمل خلاف شاخن جي آبادگارن مختلف هنڌن پيرمنڱنيو،ٽنڊومستي،شاه حسين باءِپاس۽ٻين هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪري آبپاشي کاتي خلاف نعريبازي ڪئي.جنهن جي اڳواڻِي احمد خان جکڙ، نصرالله لانگاه،عابد بلوچ،استاد گوهر ڦلپوٽو۽ ٻيا پڻ ڪري رهيا هئا جن اخبار وارن کي ٻڌايو ته گذريل ٻن مهينن کان وٺي اسان جي شاخن ۾ پاڻي ناهي ڇڏيو اسان جا مندائتا فصل ڪڻڪ، ڄانڀو،رائي،چڻا،مٽرسڙي سوڪ ٿي ويا آهن شاخن مان واري ٿي اڏامي چوپايو مال اڄ مري رهيو آهي پر آبپاشي عملدار پاڻي نه ٿا ڏين هنن چيو ته اسان لکت ۾ آبپاشي عملدارن کي شڪايتون ڪيون آهن ته اسان کي پاڻي ڏنو وڄِي پر هو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ٿا ڇڏين هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر پاڻي نه ڏنو ويو ته احتجاج جي دائري کي وسيع ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري آبپاشي کاتي وارن تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.