ڇا سڀ ڪم عدالتن کي ڪرڻا آهن!

تحرير؛نذير سومرو

هن سوال جو جواب شايد ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن منجهان ڪنهن وٽ به ڪونه هجي ته آخر هي ملڪ ڪير پيو هلائي ٻين لفظن ۾ ڪنهن کي ذميوار ڪوٺجي. ڪو هڪ کاتو اهڙو ڪونهي جيڪو پنهنجو ڪم پيو ڪري ٻين لفظن ۾ سڀ پرايو ڪم پيا ڪن. اهڙيون ڳالهيون هر عام ماڻهو ته ڪندو رهندو آهي.

هاڻي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به اهي پڙاڏا پيا گونجن ته هر اداري ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار کوليو آهي، ادارن پنهنجون پرائيويٽ سوسائٽيون ٺاهيون آهن سڀني جا پرائيويٽ ڪاروبار آهن. انهن سڀني ڳالهين کي تز لفظن ۾ چئجي ته هر کاتو تباهه آهي، هر کاتو کنڊرات جو ڍير بڻايو ويو آهي. ملڪي عوام ويچارو ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونهي. ڄڻ ته هڪ فٽبال هجي جنهن کي وفاق لت هڻي صوبن ڏانهن پيو موڪلي ۽ صوبا لت هڻي ان کي وفاق ڏانهن پيا اڇلائين.

لڳي ٿو ڪو ملڪ نه ٿو هلي ڪو تماشو آهي جنهن جو آخري نتيجو عوام جي بکن تي منتج ٿئي ٿو. عوام ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو پنهنجي زندگيءَ جو معيار گهٽائيندو. ملڪ مان پيسو غائب ٿي ڏوهاري ماڻهن جي ٽجوڙن ۾ جمع ٿيندو پيو وڃي اهي ڏوهاري روڊ تي ڌاڙو هڻندڙ هجن يا وزير ميمبر مشير هجن يا آفيسر سڀ مافيائون بڻجي چڪا آهن. هاڻي ڏوهاري لفظ انهن اڳيان ننڍڙو آهي معصوم آهي.

قهر ته ڏسو ڪارونجهر جبل به مافيائن ورهائي کنيو جنهن جي ڪٽائي تيزيءَ سان جاري رکي ويئي. روزانو جي بنياد تي مافيائون ياجوج ماجوج بڻجي هن سونهن ڀرئي پٿر کي کائينديون رهيون. سلسلو هلندو رهيو آخرڪار سنڌ جي عوام جي همت ڪم آئي، ٿر سميت سموري سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هليا ۽ سپريم ڪورٽ سنڌ جي سونهن ٿر ۽ ٿر جي سونهن ڪارونجهر کي ڪورڻ وارو ڪم بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت حڪم ڪيو ته هي جبل ٿر جي سونهن هجڻ سان گڏ ٻن ملڪن جي سرحد تي واقع هجڻ ڪري ملڪي دفاعي ماورچو آهي ان کي ڪيئن ٿو ختم ڪري سگهجي. عدالت تفصيلي فيصلي ۾ ٻڌايو ته ڪارونجهر مقامي ماڻهن جي چوڻين مطابق روز سوا سير سون ڏيندو آهي، هي ننگرپارڪر جي ماڻهن جي اڃ اجهائڻ جو ذريعو آهي ۽ ان مان نڪرندڙ پاڻيءَ تي زمينون به آباد ٿين ٿيون. عدالت پنهنجي حڪم ۾ اهو پڻ چيو ته هي مذهبي ۽ ثقافتي حيثيت رکندڙ جبل آهي. هتي هندو ماڻهو پوڄا پاٺ لاءِ اچن ٿا.

سچ به اهو ئي آهي ته ڪارونجهر پٿرن جو ڍير ڪونهي. ڪارونجهر جي اها وصف ڪونهي ته پٿرن جو قدرتي ڍڳ جنهن جي اوچائي هزار فوٽن کان گهٽ هجي ان کي ٽڪر جنهن جي اوچائي هزار فوٽن کان مٿي هجي ان کي جبل چئبو آهي. هي ٽڪر ٿر جي سونهن آهي. هي ٽڪر ٿر جي سونهن جو نڪ آهي جيڪڏهن انساني منهن مان نڪ ڪڍي ڇڏجي ته سونهن جي پاڇي وڃي ٻڙي بچندي. ڪارونجهر کي ڏسڻ لاءِ هزارين سياح ٿر اچن ٿا جيڪا ٿر جي معيشت لاءِ هڪ ٽيڪ پڻ آهن.

ڪارونجهر جي هنج ۾ قديم جين مذهب جا مندر (نشان) آهن جنهن لاءِ اها پڪ آهي ته ان کي بيدرديءَ سان تباهه ڪيو ويو هوندو ڇوته ٺيڪيدار جو ڪم رڳو پيسا ڪمائڻ آهي نه ڪي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪرڻ. جنهن ڪري خيال آهي ته ڪا شيءِ محفوظ نه هوندي.

رڳو ڪارونجهر ڪونه اروڙ جون سڀ ٽڪريون اٽڪل ختم ٿي چڪيون آهن. هي سلسلو به هندستاني سرحد تائين ڦهليل آهي. انهن مان گهڻيون ٽڪريون مين هاءِ وي روڊ کان ڀلي ڀت ڏسي سگهجن ٿيون جتان سڀ وزير مشير آفيسر روزانو گذرن ٿا پر ڪنهن جي نيڪ نظر انهن تي ڪونه پيئي پوي ته پوءِ ائين چوڻ غلط نه هوندو ته سڀ چور مليل آهن رڳو عوام کي ڏيکارڻ لاءِ بيان بازيون پيا ڪن. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڪارونجهر جي حوالي سان اها ڳالهه پڻ ڪئي ته جبل جي ڪٽائيءَ سان زميني توازن بگڙي سگهي ٿو ۽ زلزلن جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

سنڌي ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته سياسي طور هو ڪنهن به پارٽيءَ سان لاڳاپو رکي سگهن ٿا اهو انهن کي حق حاصل آهي پر ثقافتي طور، هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ طور سنڌ جي تاريخ جي تقدس جي پائماليءَ خلاف انهن کي ويڇا ڇڏي هڪ ٿيڻو ئي پوندو.

اهو ئي هڪ حل آهي پنهنجي وڏڙن کان مليل سنڌ وري پنهنجي ٻچڙن کي سونپيندي ان جي هر شيءَ جي حفاظت ڪئي وڃي. سنڌين تاريخ جون وڏيون تحريڪون هلايون آهن، ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر اهو ڪافي ناهي. دنيا هاڻي لٺين ڪهاڙين بندوقن کان مٿي وڃي چڪي آهي سائنسي سوچ ئي اسان کي ناپيد ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿي.

پي ٽي وي جي پروگرام جي هڪ ميزبان اسلم آزاد مرحوم جو اهو جملو ”ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين“سنڌ ۾ ٿيندڙ هر تقريب ۾ گونجندو رهيو آهي جيڪڏهن ڪارونجهر نه رهيو ته پوءِ هي جملو ڪيئن پورو ٿيندو،اهو سوال سوچي به هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.