شھدادڪوٽ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ، پ پ ش ڀ جو احتجاج

شهدادڪوٽ (ن ع آ) شھدادڪوٽ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن سبزي منڊي کان ھٿن ۾ بينر,پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي ھڪ ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو  ان موقعي تي اڳواڻن منير بروهي, وزير علي کوسو, ذوالفقار مگسي,گدا مستوئي ۽ ٻين چيو ته شهدادڪوٽ انتظاميه جي کلي ڇوٽ ڪري ڀاڻ جا واپاري بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪري آبادگارن کي ٻنهي ھٿن سان لٽي رهيا آهن جيڪا آبادگارن سان وڏي ناانصافي آهي ھنن مطالبو ڪيو ته غير رجسٽرڊ ڀاڻ ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪري سرڪاري اگه تي ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائي آبادگارن کي معائشي نقصان کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.