نئين سال جي آجيان ۽ اميدون

اسين ايڪيهين صدي جي ٽئين ڏهاڪي ۾ داخل آهيون،ڪالهه سال 2021 جو اخري ڏينهن هو جنهن کان موڪلائي اڄ سال 2022 جي پهرين ڏينهن جي آيان ڪري رهيا آهيون.

اهو وقت جنهن کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيون ٿا،  ڪيترن ئي ايڪن ۾ ورهايو ويو آهي، سو بهرحال تاحال ٻين ڪيترين ئي پُراسرار شين جيان اڃان به هڪ ڳجهه آهي.

چوندا آهن ته وقت ۽ وير ڪنهن جي لاءِ به ناهن ٽِڪندا،سو وقت کي پنهنجي مخصوص رفتار سان هلندو ئي رهڻو آهي، اهو وقت جنهن جو انسان کي رڳو گذرڻ جو احساس ٿئي ٿو، جنهن دوران ڏکيا ڏينهن هجن ته اهو سسُت ٿي ويندو، اهي جي سکيا ڏينهن هجن ته اهو برق رفتار ٿي ويندو آهي، دراصل اهو انسان جي سمجهه موجب هڪ احساس ئي هوندو اهي نه ته وقت جي رفتار ۾ ڪو فرق نه ايندو آهي،

انسان ٻن اڍائي ورهين کان دنيا ۾ پکڙيل ڪورونا جي وبا جي ورچڙهيل آهي، ترقي جون ڪئين منزلون طئي ڪرڻ باوجود اڄ به ڪيترن ئي معاملن ۾انسان  هن لامحدود وسعت رکندڙ ڪائنات ۾ ڄڻ اڃان به ٻار ئي آهي،اهو انسان جيڪو ڪنهن ننڍڙي ڪارنامي تي گهڻو شاد ٿئي ٿو جشن ملهائي ٿو، اهو در حقيقت اڃان تائين هن دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

انسان ڳجهه جي هڪڙي ڳنڍڙي کي کولي ٿو ته ان کانپوءِ ان جي اڳيان اسرارن جي هڪ ٻي دنيا موجود هوندي آهي،اهو تسلسل زماني کان جاري آهي، سائنسدانن جو خيال آهي ته هن وقت تائين انسان جي دماغ جو رڳو ڏهه سيڪڙو استعمال ۾ آيو آهي. هن وقت تائين دنيا کي پنهنجي تابع ڪرڻ واري ڪوشش ۾ حضرت انسان بي شڪ ذڪر جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پر اڃان پنڌ پري ٿو لڳي.

دنيا جي ڪيترن ئي ڏند ڪٿائن ۾ پڻ نئين سال جي آجيان ڪرڻ جو تصور ملي ٿو، ان مان انسان جي اندر مان نئين اميد ، نئين جوش ،نئين ولولي جو ڏس ملي ٿو.

سموري دنيا اڄ ماحوليات جي تباهي اکين سان ڏسي رهي آهي، خوراڪ جي کوٽ جو دانهون ٿي رهيون آهن، آباديءِ جي واڌ  هن ڌرتيءَ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، وسيلا مسلسل کٽي رهيا آهن.دنيا جي وڏي اڪثريت پائيدار ترقي جي جوڙيل اصولن تي عمل کان انڪاري آهي.

ٻين  معاملن ۾ مصنوعي ذهانت به اهم آهي، هڪ سنهڙي ڄار ۾ ڳنڍيل دنيا هڪ ٻئي کان اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هڪ ٻئي سان خطرناڪ گيم کيڏڻ ۾ مصروف آهي. انهن کي هلائنيدڙ جي ڪا به اٻهرائپ ڪنهن به وقت دنيا  کي ڪنهن وڏي ڏچي ۾ وجهي سگهي ٿي.

ماحوليات جي تباهي ذري گهٽ انسان جي لاءِ هن واحد رهڻ جي قابل گرهه تي اهڙو حشر ڪيو آهي جو هاڻي قدرتي وسيلن جي امڪاني اٿل پٿل حضرت انسان کي هڪ ڀيرو وري به ان جاءِ تي پهچائي سگهي ٿي جتان هن پنهنجي ارتقا جو سفر شروع ڪيو هو.

سنڌ سميت سموري ملڪ گذريل سال به ڪورونا جي وبا سان وڙهندي گذاريو آهي.هن وقت به صحت جا ماهر اهو چئي رهيا آهن ته هڪ ٻن مهينن ۾ ڪورونا وري هتي پنهنجا اثر ڏيکاريندي، اها ته ٿي هڪڙي وبا جيڪا اسان جي گهڻي ضابطي ۾ نه اچي سگهي آهي. پر اسان جو سماج مجموعي طور تي ڪيترين ئي ٻين وبائن کي به منهن ڏئي رهيو آهي.جن کي ته ڪا نه ڪا حڪمت اختيار ڪري روڪي نه ته به گهٽ ته ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي لاءِ به هتي جا وس وارا، وزير مشير توڙي ٿينڪ ٽينڪ ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ ڪا رٿابندي جوڙڻ کان پڙ ڪڍي ويهي ٿا رهن.

ڪالهه پورو ٿيل سال سنڌ جي ماڻهن جي قسمت م ڪو به ڦيرو آڻي نه سگهيو ،سموري دنيا ۾ سياسي، جاگرافيائي،سرحدي ۽ نظرياتي تڪرار موجود آهن،وبا جي ڪري سموري دنيا جي معاشي اوسر جو ڦيٿو صفا سُست ٿي ويو آهي، جنهن جو اثر سموري دنيا تي پئجي رهيو آهي. جنهن کان ڪو به آجو نٿو رهي سگهي،

سنڌ جي لاءِ سال 2021 هڪ راويتي سال رهيو، سال ته سمورو گذري ويو، پر ڪنهن به سطح تي ڪٿان به اهڙي ڪا خبر نه آئي جنهن جي آڌار اهو چئي سگهجي ته اهو ڪو وڏو ڪارنامو هجي. سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني خواب ئي رهيو، عدليه جي ڪجهه فعال ٿيڻ سان نوٽس وٺڻ جو سلسلو ته جاري رهيو پر عام ماڻهون کي ڪنهن به سطح تي ڪو اهڙو رليف نه مليو جنهن جو ذڪر ڪندي ان تي فخر ڪجي.

قانون جوڙيندڙن ڪو ڪمال نه ڪيو، قانون جي تشريح ڪندڙ اڳي ئي ڪيسن جي بار هيٺ رهيا، قانون لاڳو ڪندڙن جي مزاج ۾ به ڪو فرق نه ڏٺو ويو، سنڌ ۾ ٻارن سان ريپ جا ڪيس ٿيندا رهيا، عورتن سان ظلم ٿيندو رهيو،انساني حقن جي ڀڃڪڙي هلندي رهي.سنڌ مان ماڻهن کي گم ڪرڻ، بنا شنوائي جي نوجوانن کي کنڀڻ جو سلسلو به هلندو ئي رهيو، بيروزگاري گهٽائڻ جي ٿور ي ٿڪي ڪوشش ڪئي وئي. غربت ۾ اضافو ٿيندو رهيو.معاشي صورتحال ابتر رهي، زرعي معيشت کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ سرڪار ڪا رٿا نه جوڙي، عام ماڻهو ساڳين معاملن  ۽ مسئلن کي منهن ڏيندو رهيو.سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري نه رڪي، نه وري ڪنهن سنجيدگي سان وڌندڙ انتهاپسنديءَ واري لاڙي تي غور ڪرڻ جي زحمت ڪئي،

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ نئين سال جي آجيان ڪئي وئي آهي، گذريل سال کي الوداع ڪيو ويو آهي، وقت کي هر حال ۾ گذرڻو ئي هوندو آهي اهو رڳو پنهنجا نقش۽ نشانيون ڇڏي ويندو آهي، اسان وقت کي نه روڪي سگهون ٿا نه ئي قيد ڪري سگهون ٿا، اسان فقط جيڪو ڪجهه گذري ويو آهي ان جو جائزو وٺي مستقبل کي بهتر گذارڻ جي رٿا بندي ڪري سگهون ٿا. سو توقع ڪجي ٿي ته اسان وقت جو قدر ڪندي ان کي هاڻي هاڪاري مقصد سان گهارينداسين.

سموري دنيا اميد تي قائم آهي، ان ڪري اسان سمورن ماڻهن کي اها اميد ڪرڻ گهرجي تي ايندڙ سال سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ سٺو سونئڻ ثابت ٿئي،

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.