گلوبلائيزيشن جا معاشرتي اثر!!

تحرير؛صنوبر خاصخيلي

ھي دور ھڪ ترقي يافته دور آھي، جتي بني آدم ترقي جون منزلون طئي ڪندي ڪندي وقت ۽ فاصلي کي پنھنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ يا شھر تائين پھچڻ لاءِ ھاڻي لمحن جو ئي فاصلو آھي، ھن تيز ترين سائنسي فني مھارت سان سڄي دنيا ھڪ ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪئي آھي، عام فھم ۽ زبان ۾ گلوبلائيزيشن جي اصطلاح ان کي سمجھيو ويندو آهي، آمريڪا جي اڳواڻي صدر جارج بش، (اول) جي پھرين دور صدارت ۾ ھڪ نئون نظام نيو ورلڊ آرڊر جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو، ھن نظام جي مطابق ڪيترا اصطلاح لاڳو ٿيا، جنهن مان سڀ کان گھڻي گلوبلائيزيشن جي اصطلاح سياسي سماجي حلقن ۾ بحث هيٺ آندي وئي.

سڄي ڌرتي کي ھڪ گلوبل وليج طور سمجهيو ويو جنهن تحت دنيا ھڪ ڳوٺ وانگر ڪنھن ھڪ جي ھٿ وس ھئي، جتي جڏھن به جنهن به جڳهھ تي چاھي گھٽ وقت ۾ پنھنجو عمل دخل جاري رکي سگھن ٿا، گلوبلائيزيشن ھميشه رياستن جي معيشت ثقافت سياست ماحول ۽ فوج تي اثر انداز ٿيندي رھي آھي. دراصل گلوبلائيزيشن کي پنهنجي ڪا به ايجنڊا ناهي، ھي صرف هڪ ارتقائي عمل آهي، جيڪو پنهنجي انتھا جي طرف فطري رفتار سان وڌي رهيو آهي، البته گلوبلائيزيشن جي حوالي سان دنيا ۾ مختلف ايجنڊائن تي ڪم ٿي رهيو آهي، ۽ ان ايجنڊائن جو گڏيل نقطو ھي آھي ته مستقبل جي گلوبل وليج ۾ جيڪا ڪمي پيشي پوري انسانيت ذات تي لاڳو ٿيندي، فڪري ۽ تھذيبي قيادت ڪنھن جي ھٿ ۾ ھوندي ۽ ان جو نظام ڪھڙو اصولن تحت ھوندو، ۽ ان جي مختلف پاسن تي ڪشمڪش پڻ جاري آهي، ۽ اھا ڪشمڪش دنيا جي مسئلن تي ڪنٽرول جي حوالي سان تھذيب ۽ ثقافت ۽ بالادستي جي نالي سان، فڪر ۽  عقيدي جي برتري جي عنوان سان به آهي عسڪري ڪنٽرول ۽ ڪاروبار ميدان ۾ به آهي، ته مذھب جي شعبي ۾ پڻ ٿي رھي آھي.

گلوبلائيزيشن جي سڀ کان اھم ذريعو ميڊيا آھي، ميڊيا سان مراد اخبار ريڊيو ٽيليويزن ۽ سڀني کان وڌيڪَ انٽرنيٽ آهي، ھي سيٽلائيٽ جو دؤر آهي، جتي ڪابه معلومات ۽ اصطلاح يا ايجاد ھڪ سيڪنڊ کان به گهٽ عرصي ۾ دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پھچي وڃي ٿي، ھن ميڊيا جي بدولت ئي گلوبلائيزيشن جو وجود عمل ۾ آيو، جنهن نه صرف رياستي معيشت ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر ثقافت تي به پنھنجا اثر مرتب ڪيا آهن، انٽرنيٽ نه صرف ملڪن جي ادارن ۽ حڪومتن ۾ گڏيل ترقي ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿي آهي بلڪه عوام ۾ به گڏيل دوستي ۽ رواداري جو سبب پڻ ٿي آھي، جنهن جو نتيجو ھي نڪتو جو عام معلومات ۾ به اضافو ڪرڻ جو اھم ذريعو بڻجي وئي انٽرنيٽ جي ترقي دنيا کي اسان جي ھٿن جي آڱرين جي وچ ۾ آڻي رکي ڇڏيو، جتان اسان جنهن مھل چاھيون ڪھڙو به مواد حاصل ڪري سگھون ٿا، انٽرنيٽ جو فائدو ھي به ٿيو ته اسان کي معاشرتي سطح کي ھڪ ٻئي جي تھذيب ۽ ثقافت کي سمجھڻ جو موقعو مليو اسان کي ٽي وي ۽ ڪتابن جي ذريعي جيڪا معلومات ڪلاڪن ۾ ميسر ھوندي ھئي سو ھاڻي اسان جي آڱرين جي اشارن تي اک ڇنڀ ۾ پھچي وڃي ٿي، ان سان اسان جو تمام گهڻو وقت جيڪو ان معلومات کي تلاش ڪرڻ ۾ لڳندو ھيو اھو بچڻ لڳو، نه صرف غير ملڪن جو رسم رواج اسان تائين پھچڻ لڳو پر ڪلچر ۽ معاشري جا طور طريقا به اسان جي زندگين ۾ شامل ٿيڻ لڳا، آھسته آھسته اسان جي ميڊيا به پنھنجي ملڪي۽ مذھبي عقيدن تي ان غير ملڪي رواجن طور طريقن کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪيو جنهن جو نتيجو ھي نڪتو جو ويلنٽائن ڊي جھڙا تھوار اسان جي معاشري ۾ پھچڻ لڳا.

ان سڄي عمل ۾ اسان کان اھو وسري ويو ته گلوبلائيزيشن ھڪ سوچيل سمجهيل تحريڪ آهي، ھي ھڪ واحد ذريعو آهي جنهن تحت ڪنھن به ملڪي يا رياستي شعور کي نه صرف بدلائي سگھجي ٿو پر ان جي ذھني واڌويجهه ڪري ان معاشري ۾ رھڻ واري عوام تي ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو. ھي اصل ۾ ففٿ جنريشن وار جو جز آهي، جنهن ۾ ميڊيا جو ھٿيار بڻائي استعمال ڪيو ويو، گھر گھر ويٺل فرد کي ھي مواد ڏيکاريو ويو، جو ان جي ذھني غلاميءَ جي رجحان جي پرورش ڪندو آهي، ان جي ابتدا گھريلو عورتن کان ڪئي وئي، جٿي ڀارتي ڊرامن کي ھر گھر جي زينت بڻايو ويو، ۽ ھر ھڪ گھر کان مندر ۾ وڄندڙ ڀڄن ۽ گانن جو آواز اچڻ لڳو بدلي ۽ انتقام جي ڪلچر کي پاڪستان جي بدلي ڪلچر ۾ شامل ڪرڻ جي سٺي ڪاوش ڪئي وئي، زبان ۽ لباس ۾ تبديلي گلوبلائيزيشن جي بدولت ممڪن ٿي جو ٻار ۽ نوجوان ان ڳالهه ۾ فرق ڪرڻ وساري ويٺا ته پاڪستان ان ڀارتي عقيدي ۽ نظرئي جي تضاد جي بنيادن تي وجود ۾ آيو ھو، ميڊيا ھن جنگ ۾ ويڙھ جي لاءِ نه ڪو ھٿيار جو استعمال ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪنهن پراڪسي جنگ جي ضرورت پيش آئي، آھستي آھستي اسان پنهنجي مقصدن نظرين ھيستائين جو مذھبي عقيدن کي به وساري ويٺاسين ته ھندو ۽ اسلامي عقيدن ۾ فرق ڪري سگھون.

اسان جي حوالي سان مغربي يلغار به دنيا ۾ تيزي سان گڏ وڌي رهي آهي، ھڪ طرف مغرب جون سيڪيولر حڪومتون ۽ سيڪيولر لابيون مسلم معاشري ۾ سيڪيولرزم ۽ لادينيت کي فروغ ڏئي ڪري ۽ ان جي لاءِ پنھنجون توانائيون ء صلاحيتون پوري طرح استعمال ڪري اسان جي نئي نسل جي فڪر ۽ عقيدن جي بنياد کي ڪمزور ڪرڻ ۾ لڳل آھن، عالم اسلام جي باري ۾ انھن جي تمام تر ايجنڊا جو مرڪزي نقطو ھي آھي ته مسلمان پنهنجي معاشرتي زندگيءَ ۾ مذهب جي ڪردار کان دستبردار ٿي وڃن ۽ مذھب جي فڪر فلسفي کي دل ئي دل قبول ڪندي پنهنجي معاشرتيءَ ۽ تھذيبي زندگي کي ان جي سانچي ۾ وجھي ڇڏين، مغرب جون سيڪيولر حڪومتون ۽ مسيحي مشينري ادارن کي ھڪ ٻئي جي ڀر پور تعاون حاصل آهي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته ٻئي باقاعده منصوبيءَ انڊر اسٽينڊنگ جي تحت عالم اسلام کي مغلوب ڪرڻ تائين پھتا آهن، ھي صحيح آھي ته اسين سياسي، معاشرتي، عسڪري، سائنسي صنعتي تجارتي ميدانن ۾ مغرب جو مقابلو ڪرڻ ۽ رستو روڪڻ جي پوزيشن ۾نه آھيون، پر فڪر ۽ فلسفو تھذيب ۽ ثقافت تعليم ۽ تربيت جو ميدان اسان لاءِ اجنبي نه آھي. اسان جي ميڊيا ان سلسلي ۾ اھم ڪردار ڪري سگهي ٿي، اسان جي مذھبي قدرن ۽ تھذيب کي ھٿي وٺرائڻ جي ضرورت آھي،.

ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته اسان پنهنجي ايمان ۽ عقيدي کي پنهنجي طاقت بڻائي پنهنجي طاقت ملڪي ۽ قومي سالميت کي برقرار رکون پنهنجي نئي نسل کي درپيش آهي، پنهنجي نوجوانن جي ذھني ۽ شعوري طور تي مضبوط ۽ مستحڪ بڻايون، جيئن ھو صحيح ۽ غلط جي شناخت بھتر نموني ڪري سگھڻ جي سگھه سان سلهاڙيل هجن..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.