پهرين جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

تحرير؛   فقير محمد سنڌي

¨ • عيسوي سال جو پهريون مهينو جنوري آهي. هن مهيني تي اهو نالو رومين جي هڪ ديوتا “جينس” (JANUS) جي نالي تان رکيو ويو آهي هي جنگ جو ديوتا هو، جيڪو هڪ ئي وقت، اڳيان ۽ پويان ڏسي سگهندو هو، رومين جو خيال هو ته هن ديوتا وانگر هو به پنهنجي ماضي ۽ حال جو جائزو وٺي سگهن ٿا. جنهن سبب هنن هن مهيني جو نالو جنوري رکيو.

¨ • پهرين جنوري 1925ع تي سنڌ جي قابل احترام شخصيت اسلامي سياست جو قائد مولانا جان محمد عباسي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1921ع تي ادب دوست شخصيت عبدالغفور ولد عبدالجليل ڀرڳڙي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1952ع تي سنڌو ماٿري جي قديم تهذيب رکندڙ سماٽ قبيلي ۾ عبدالستار ڏيرو ولد غلام حيدر ڏيرو والد جي نالي تي قائم ڳوٺ غلام حيدر ڏيرو تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1954ع تي ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو ولد مراد علي ٻگهيو باڊهه تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1946ع تي اسٽيج فنڪار استاد قلندر بخش ڪلو ولد دوست محمد سيال لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1969ع تي نئين ٽهيءَ جو ليکڪ ۽ اديب دين محمد ڪلهوڙو ولد محمد پناهه تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڀاوند لاکا ۾ ڄائو.

¨ • پهرين جنوري 1974ع تي قومپرست اڳواڻ ذوالفقار ڪولاچي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر باڊهه ڀرسان سيهڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾ الهڏني ڪولاچيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1949ع تي (فنڪار) استاد انور علي سانگي ولد اسد الله سانگي ڳوٺ سانگي تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1971ع تي نالي وارو راڳي الطاف سمون ولد ارباب علي سمون شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1915ع تي تاج بانو براهوئي ڳوٺ دين پور شريف تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ علامه حاجي براهوئي دينپوري جي گهر ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1978ع تي ناليواري شاعر پياسي نظر چانڊيي جو جنم خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1936ع تي نالي وارو شاعر گل حسن گل ٻرڙو، ولد محمد صالح ٻرڙو ڳوٺ بگودڙو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1957ع تي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ڦلجي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ شاعر، ڪالم نگار، لسنر ۽ ليکڪ اٿس.

¨ • پهرين جنوري 1964ع تي شاعر احمد سلطان کوسو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1960ع تي شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر ڪامل امداد جتوئي، قادر بخش جتوئي جي گهر ڳوٺ ستار ڏنو سانگي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1932ع تي شاعر منير سولنگي جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1964ع تي قومي شاعر زاهد شيخ اصل نالو حاڪم علي ولد گل محمد شيخ جي گهر ڳوٺ شاهه لڌاڻي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1943ع تي شاعر سالڪ سولنگي اصل نالو محمد بخش ولد رسول بخش سولنگي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1967ع تي شاعره ناياب سرڪش سنڌي سرڪش سنڌي جي گهر ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1983ع تي نوجوان شاعر خالد ساحل (خالد حسين) ڳوٺ مقيم ڏاهري ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1968ع تي شاعر علي حسن ولد عبدالقادر منگي ماٿيلو مومل جي ماڙي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1978ع تي نوجوان شاعر وفا حاڪم وساڻ ولد مستي خان وساڻ ڳوٺ نواب وساڻ ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1978ع تي نوجوان شاعر ملهار سنڌي اصل نالو محمد ڇٽل ولد دودا خان بوزدار رتوديرو ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1935ع تي جدت پسند ادب جو ليکاري ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار لعل پشپ (لعل ڀڳوان داس ريجواڻي) لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1937ع تي ماهر تعليم، شاعر حبيب الله صديقي ڳوٺ پاٽ ضلعو دادو ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1952ع تي صوفي بخش علي سهتو ڳوٺ لونگ خان سهتو ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.

¨ • پهرين جنوري 1972ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار مختيار چني گڏيجي شهر ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1982ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو لسنر وفا وزير علي مگسي ولد محمد صلاح مگسي جي گهر ڀينس ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1964ع تي ادبي کيتر ۾ شاعر طور ضمير سهتو داخل ٿيو. هن هنڱورجه شهر جي ڏکڻ طرف ڳوٺ رڪراڻي ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1980ع تي مٺل تونيو هنڱورجه شهر جي ڀرسان ڳوٺ علي مردان تونيو ۾ جنم ورتو سڃاڻپ شاعر اٿس.

¨ • پهرين جنوري 1933ع تي عوامي شاعر گل حسن گوپانگ شاد ولد جمعه خان گوپانگ ڳوٺ ڪرم خان گوپانگ تعلقي ميروخان ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1928ع تي شاعر سيد سردار علي شاهه “ذاڪر“ ولد جعفر شاهه بخاري ڳوٺ ٻيرڙي تعلقي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1933ع تي سنڌ جو ڪهنه مشق شاعر شعبان بخت اصل نالو الله بخش ولد رسول بخش منگي جي ولادت ڪشمور ۾ ٿي.

¨ • پهرين جنوري 1937ع تي عبدالحق ابڙو ولد محمد خان ابڙو حيدرآباد ۾ ڄائو ادبي خدمتون اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم جو تمام وڏو اداڪار، صداڪار، سنڌي علم ادب، ثقافت ۽ موسيقي جو ڄاڻو هو.

¨ • پهرين جنوري 1950ع تي مقبول شاعر عبدالخالق عبد ڳوٺ شورڻ ضلعي ڪڇي ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1901ع تي قادر الڪلام شاعر ڪهنه مشق ۽ انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي ولد جبار خان لاشاري ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1969ع تي نامياري ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو پورو نالو غلام رسول ولد محمد يعقوب ميمڻ سکر ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1930ع تي بلند پايه اديب، عالم، محقق، مقرر ۽ ماهر لسانيات ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ولد غلام حسين ڳوٺ ماڙي لڳ شڪارپور ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1919ع تي اعليٰ پائي جو اديب، شاعر، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر عطا محمد حامي ولد قائم الدين خان سوهو ڳوٺ سوهو قناصره تعلقي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1980ع تي نالي وارو شاعر علي محمد بيگ مرزا هن جهان کي الوداع ڪيو.

¨ • پهرين جنوري 1940ع تي خوبصورت شاعر غلام نبي غازي ميمڻ ولد رحيم ڏنو ميمڻ شهر ميرپور ٻرڙو تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1888ع تي اعليٰ درجي جو علماءُ، مفتي ۽ شاعر محمد قاسم ڳڙهي ياسيني ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1935ع تي مشهور اديب، محقق ۽ تاريخدان محمد سومار شيخ ولد الله بچايو شيخ ڳوٺ شيخ قرهيو ڀانڊاري تعلقي بدين ۾ ڄائو.

¨ • پهرين جنوري 1975ع تي بدين کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.

¨ • پهرين جنوري 1965ع تي انور ابڙو ڳوٺ لالي جا ڀاڻ تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻو ۾ پيدا ٿيو. ادبي خدمتون- صحافت ۽ ڪهاڻيڪار اٿس.

¨ • پهرين جنوري 1965ع تي ناليوارو اداڪار اسماعيل چانڊيو تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ احمد خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1925ع تي شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ پروفيسر اڪرم انصاري نوشهري فيروز ۾ ڄائو.

¨ • پهرين جنوري 1974ع تي شاعر ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محبت علي بلوچ اصل نالو محبت علي لنڊ دادو شهر جي ڇاڻي (شاهه آباد) محلي ۾ پيدا ٿيو.

¨ • پهرين جنوري 1950ع تي نامياري سياستدان عبدالسلام ولد حاجي گل محمد ٿهيم ڳوٺ طيب ٿهيم شهدادپور ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1957ع تي شاعر ۽ اديب حميد پارس جو اصل نالو حميد الحق قاضي ڳوٺ گاهي خان جلباڻي لڳ خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.

¨ • پهرين جنوري 1963ع تي موهن لعل پريمي ولد ڪنيا لعل جو جنم ڏوڪري شهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پي ايڇ ڊي موضوع؛ سچل سرمست ڪي اردو شاعر (2004)

¨ • پهرين جنوري 1978ع تي نوجوان ليکڪ خالد آزاد پورو نالو خالد حسين ولد حاجي جڙيو وگهيو آهي ڳوٺ مسو ڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ جلال وگهيي، تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.