سال 2021 پاڪستان لاءِ ڪيئن رهيو؟

تحرير؛   صدامساگر

سال 2021 جو سِج هميشه جيان هزارين اُميدون ۽ خواب سَجائي اُلهي ويو آهي، ايئن چئجي ته وقت جي گردش ۾ هڪ ٻيو سال هٿن مان نڪري ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي. وقت چاهي بُرو هجي يا سُٺو برحال گذرڻ اُن جو مقدر آهي ۽ هي ڪا پهريون ڀيرو ناهي جو ايئن ٿيو آهي، پنهنجي ڪمرن ۾ لڳل ڪيترائي ڪئلينڊر تبديل ٿيا آهن. هاڻي ته سال 2022 جو پهريون صبح نوان سپنا، نيون آسون ۽ اُميدون کڻي ظاهر ٿي چُڪو آهي پر اسان وٽ گهڻو ڪري اُميدن جي تڪميل ۽ خوابن جي ساڀيان جو سوال هر ڀيري جيان سال جي آخري سج سان گڏ دفن ٿي ويندو آهي. هونئن به اسان جهڙن پٺتي پيل سماجن ۾خاطر خواهه تبديلي بدران رڳو وقت ئي تبديل ٿيندو آهي ۽ وقت جي تبديلي ته هڪ فطرتي تسلسل آهي جيڪا رُڪڻو ناهي، ايئن ئي وقت مٽجڻ جو سلسلو پيو هلندو آهي.

ماضي جي جهروڪن منجهان گذريل سال جي تصوير ٺاهينداسين ته مختلف بُحرانن جو عڪس آڏو ايندو. مٿاڇري نظر سان بُحرانن جو ڇيد ڪنداسين ته وڏو خال نظر ايندو. توڙي جو پاڪستان ۾ سال 2021ع  دوران عسڪري قوتن ۽ سياسي ڌُرين جي وچ ۾ وڏي پئماني تي مانڊاڻ متل رهي پر عوام جي ڀلائي لاءِ ڪنهن ڪجهه خاص نه ڪيو! هاڻي ته عمران خان کي به “تبديلي” جي نعري هيٺ حڪومت ڪندي چار سال وهامي ويا آهن پر مُلڪ جي بهتريءَ واري سوال تي اڃا سواليه نشان لڳو پيو آهي؟! اُهو عمران خان جيڪا حڪومت ۾اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ عوام کي چوندو هو ته عوام جا اَهنج گهٽائيندس پر ڪم جي حوالي سان پنهنجو ۽ سندس ٽيم ڪردار مشڪوڪ رهيو. ماڻهن جون اُميدون هيون ته اسان جي سورن ۾گهٽتائي ايندي، لاقانونيت ختم ٿيندي، مهانگائي گهٽجندي، معيشت ۾ بهتري ايندي، ڊالر جي مقابلي ۾رُپئي جو قدر وڌندو، بيروزگاري مان جان آجي ٿيندي پر اهڙو ڪجهه نه ٿيو.

پاڪستان لاءِ هميشه جيان هي سال به بهتر نه رهيو! هر شعبو تنزلي جو شڪار رهيو، نه نوڪرين جا انبار لڳا، نه ميڊيا آزاد ٿي، نه گورنر هائوس مسمار ٿيو، نه وزيراعظم هائوس يونيورسٽي ۾تبديل ٿيو، نه ڊيم ٺهيا، نه هڪ ارب وڻ لڳا، نه آءِ ايم ايف دڙڪا ڏيڻ بند ڪيا، نه ماڻهن کي مفت گهر مليا، نه بُک ۽ مفلسي ختم ٿي، نه بجلي ۽ گئس قيمت ۾گهٽتائي آئي ۽ نه ئي وري پوليس شعبي ۾سياست جو زور ختم ٿي سگهيو پر ايترو ضرور ٿيو جو ويتر بيروزگاري، مهانگائي ۽ ڪرپشن جو ناسور مُلڪ کي کوکلو ڪيو.

مجموعي طور چئجي ته سال 2021، ترقيءَ ۽ خوشحالي جي حوالي سان غير تسلي بخش رهيو، ان لحاظ کان جيڪڏهن سموري سال جي حڪومتي ڪارڪردگيءَ جو وٺبو ته سواءِ مايوسي جي ڪجهه پلئه نه پوندو. سچ اهو آهي ته هر سال جيان هن ڀيري پڻ ڪئلينڊر ۾ تاريخ بدلي آهي، باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. بظاهر ڪئلينڊر ۾تاريخ ۽ سال بدلجڻ سان ڪا خاص تبديلي ناهي ايندي. ظاهر آهي ته تبديلي رڳو خواهشن سان نه پر ذهن، سوچون، فڪري انداز ۽ رويا توڙي عمل تبديل ٿيڻ سان ايندي آهي. تبديلي جو تعلق عمل سان آهي، اسان کي خود احتسابي (Self Accountability) ڪرڻي پوندي ته ماضي ۾اسان ڇا ڪيو آهي؟ ماضي ۾ڪهڙيون غلطيون ٿيون آهي، ڇا وهيو ۽ واپريو آهي، ڇا حاصل ۽ ڇا وڃايو آهي؟ اُن سموري فهرست کي مدنظر رکي ڪم ڪرڻو پوندو، سنجيده ٿيڻو پوندو نه ته وقت گذري ماضي جو حصو بڻجي ويندو، ڏينهن ۽ مهينا ڪجهه ڪرڻ بنا خالي گذري ويندا. باقي اهو طئي ٿيل آهي ته گذريل وقت کي واپس ورائي نه ٿو سگهجي پر ماضي ۾جيڪا ڪجهه ٿيو يا ڪيو ويو، ان جو جائزو وٺي اسان نئين سال کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ضرور ڪري سگهون ٿا.

نئون سال وقتي لذت يا خوشي جو وقت نه پر گذرندڙ وقت جو قدر ڪندي ايندڙ زندگيءَ جي لمحن جو صحيح استعمال ڪرڻ جو عزم ۽ ادارن جو موقعو آهي. نئون سال 365 ڏينهن 52 هفتن جو وقت ڏئي ٿو ته ڪجهه ڪرڻو آهي ته ڪيو، هي امڪانن جي دنيا آهي، هتي وسيع امڪان موجود آهن. جڏهن ته سماجن جو علم اسان کي اهو يقين ڏياريندو آهي ته وقتي يا تاريخي طور بُحرانن جو شڪار قومن جون حالتون تبديل ٿينديون آهن ۽ شعوري طور ڪري به سگهجن ٿيون.

هاڻي 2022 جو تقاضا اهو آهي ته اسان سڀني کي پنهنجو پاڻ بدلائڻو پوندو، جيستائين اسان پاڻ کي نه بدلائينداسين ته تبديلي رڳو خواب ئي رهندي. ساڳئي وقت پاڻ بدلائڻ سان گڏ نظام جي تبديلي جو سوچڻو ۽ اُن لاءِ عملي طور به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، صرف انفرادي تبديلي سان ڪجهه خاص تبديل نه ٿيڻو.

درحقيقت، 2022 ۾اسان هڪ اهڙي عالم ۾ داخل ٿي رهيا آهيون جتي 13 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام مختلف ۽ گهڻ رُخن مسئلن جو شڪار آهي. اهڙي سنگين صورتحال ۾ اسان کي ماضي وساري اڳتي وڌڻو پوندو. دُعا آهي ته 2022 جو صبح سڀني لاءِ ڪاميابين، اَمُن، محبت ۽ نيڪ خواهشن سان اُڀري.

خدا کرے کہ میرے اک بھی ہم وطن کے لیے

حیات جرم نہ ہو زندگی وبال نہ ہو

احمد ندیم قاسمی

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.