نئين سال لاءِ رٿابندي۽ وچن جي ضرورت

هاڻ نئون سال اچي ويو آهي،هر پاسي کان دوستن مختلف هنڌن تي ڪچهريون منعقد ڪيون، اسان جو هڪ دوست آهي، اهو نئون سال ڪڏهن به ناهي ملهائيندو،چوندا آهيون ته چڙي پوي ۽ چوي ڇو ٿا خوشيون ڪيو؟ هڪ سال زندگيءَ جو گهٽيو،ان ۾ خوشي جي ڪهڙي ڳالھه آھي،هن سال ۾ اسان اهڙو ڇا ڪيو جو اسان ڪيڪ ڪٽي جشن ملهايون، اها ڳالهھ ان جي مونکي به وڻندي آهي،اسان نئون سال ڇو ملهائيندا آهيون؟ اسان هن سال ۾ اهڙو ڇا ڪيو، ڪهڙو اسان پنهنجي سپنن کي ساڀيان ڪيو،ڀلا اسان ڪٿي ڪنهن ضرورتمند جي مدد ڪئي،ڪو غريب پنهنجي حقن خاطر روڊن تي آهي،ان جي ساٿ سان ساٿ ڏنو.

خير هاڻ اچون ٿا موضوع ڏانهن دوست ڪبير ڀيل ڪنهن مضمون ۾ هڪ هنڌ لکيو آ ته  اسٽيفن آر ڪوري، بران ٽريسي ۽ ڊيل ڪارنيگي کان ويندي شو کيڙا تائين خودشناسي ۽ ڪرداريت تي علم رکندڙ ۽ اتساهه ڏيندڙ اديب رٿابندي بنا گذرندڙ زندگي کي ناڪام چون ٿا. سقراط پڻ اهو چيو ته ”جيڪو انسان پنهنجي زندگي جو جائزو نٿو وٺي اهو حيوان آھي“. 

پاڻ به وقت جو جائزو وٺون،خاص ڪري نوجوان جيڪو پڙھندڙ آهي ،اسان لاءِ وقت جو جائزو وٺڻ لازمي آهي،اسان وٽ هي عام چوڻي آهي ته وقت بادشاھ آهي،۽ اها حقيقت ئي آهي،وقت ڪنهن جو به انتظار نٿو ڪري، تون وقت کي سمجهھ ۽ پنهنجي مقصد تي فوڪس ڪر 

اسان جيڪڏهن تتي،ٿڌي ڏسندا رهياسين ۽ وقت ويو هليو پوءِ مقصد اڻپورا رهجي ويندا، اسان جو پرين اسان جو مقصد هجڻ کپي،ڪتاب هجڻ کپي، ته پوءِ اچو نئين سال جي آجيان ڪري،پنهنجي مقصد کي ذهن ۾ رکي،ڪجھه ڪتاب سميٽي ۽ سنڌ امڙ سان وچن ورجايون،اسان پڙھي لکي،قابل ٿي،تنهنجي مٽي، ۽ مٽي تي رهندڙ ماروئڙن لاءِ هر وقت ميدان عمل هونداسين،

نارائڻ سنڌي 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.