ڄام شوري ۾ سنڌ جو نقشو ٺاهي درياءُ کي گل آڇي سال کي موڪلاڻي

ڄامشورو ( رپورٽ: صدر جوڻيجو ) سال 2021ع  جي آخري ڏينهن جي سج کي سڄي دنيا ۽ سنڌ جيان ڄامشوري مان مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن طرفان سنڌودرياهه جي ڪنڌيءَ تان الوداع ڪيو  ويو، جتيسنڌ جو نقشو گلاب جي گلن سان ٺاهي ميڻ بتيون ٻاري درياهه مٿان گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف قومپرست، سياسي، سماجي، ادبي تنظيمن،  سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ اديبن، دانشورن، صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ المنظر وٽ پهچي ڪوٽڙي بئراج پل جي اولهندي پاسي سنڌو درياهه جي  ڪنڌي تي گڏ ٿيا جتي الڳ الڳ طريقن سان سال 2021ع جي آخري سج کي الوداع ڪري سنڌو درياهه کي گل نڇاور ڪيا، ذوالفقار قادري، ذوالفقار هاليپوٽو، عباس کوسو، رزاق عمراڻي، سليمان وساڻ، نذير قريشي، روشن برهماڻي، شهزادي ڀرڳڙي، ساگر الاهي بخش عالماڻي، شوڪت ميمڻ، اسد مڱريو،  ثاقب ابڙو، ڪاشف بجير، فرزانا ٻرڙو، رابعا جمالي، شهناز راهو، علي مراد چانڊيو، ربنواز ابڙو، صدر الدين جوڻيجو، حافظ الهندو تيوڻو، ذولفقار ڪولاچي, حق نواز برهماڻي, مرتضيٰ نائچ، سورھ سنڌي، انور بڙدي، حسين قمبراڻي، سهيل ڀٽو،  وفا ڪاشف ڀٽو ، مومن ويسر ، عبدالفتاح بروهي ۽ ٻين سوڌو سوين ماڻهن جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به وڏي انگ ۾ موجود هئا، سنڌو درياهه ۾ گلاب جا گل نڇاور ڪيا ويا ۽ ميڻ بتيون ٻاري سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي ان موققي تي فنڪارن دانش منظور، انجنيئر منظور چانڊيو ۽ ٻين قومي ڪارڪنن  شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جا بيت ۽ وايون پيش ڪري سنڌو درياهه کي ڀيٽا پڻ پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو، ان دوران سنڌ جي خوشحالي، قوم جي سلامتي، ترقي، امن،  پيار جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اجتماعي دعا گهر ي وئي. ان موقعي تي شريڪ اديبن دانشورن ۽ قومپرست اڳواڻن پنهنجا ويچار ونڊيندي گذريل سال 20121ع دوران شوڪت حسين شورو، مولانا عزيز الله ٻوهيو، محمد عثمان ميمڻ، غلام رسول سهتو، منان چانڊيو، پاويل جوڻيجو جي وفات، ناظم جوکيو، ڊاڪٽر نوشين شاهه جي قتل واقعن سوڌو سنڌ جي ٻين شخصيتن جي وڇوڙن ٻين روڊ حادثن وارن خوني واقعن ۽ سنڌي نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ وارن واقعن تي غم ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سال 2021 سنڌ جي لاءِ  تڪليفن اهنجن ۽ ڏکن جو سال هو سنڌ لا۽ جدوجهد ڪندڙ قومي ڪارڪنن کي جدوجهد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ کنڀي گم ڪيو ويو. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڀڳڙن جي مٺ تي بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، اربن گرين سٽي کي ڏئي ڪروڙين ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لا۽ منصوبا جوڙيا ويا. سنڌ جي ٻولي سان هٿ چراند ڪئي وئي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي نياڻين کي ڪوڙا خودڪشي جا واقعا ڄاڻائي سندن خون لوڙهيا ويا سنڌ جي نياڻين کي تعليمي ادارن ۾ جنسي هراسان ڪيو ويو. هنن ڇيو ته اميد ڪيون ٿا ته سال 2022 سنڌ جي لاءِ خوشين جو سال هوندو . ٻئي طرف سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن سال 2021ع ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سنڌ جي ٻيٽن, زمينن ۽ ڪارونجهر جبل سميت شهيد ناظم جوکيو ۽ ڊاڪٽر نوشين ڪاضمي جهڙن واقعن تي عوامي آواز تمام شانائتو ڪردار ڪيو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.