الوداع 2021ع، موهن جو دڙو تان موڪلاڻي، سج کي سلامي

ڏوڪري (رپورٽ: قاضي آفتاب) الوداع 2021، ڀليڪار 2022، نئين سال کي ڀليڪار ڪرڻ ۽ پراڻي سال کي الوداع ڪرڻ لاءِ سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن کان سوين ماڻهن پهچي2021 سال جي پڄاڻي تي قديمي ماڳ وٽان آخري سج کي الوداع ڪيو، ان موقعي تي قديمي ماڳ تي سج کي الوداع ڪندڙ ماڻهن توصيف احمد سومرو، مصور سومرو، اطهر علي، وسيم احمد، جاويد احمد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2021سال مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني جو سال رهيو، مهانگائي سبب غريب ماڻهو ٻه ويلا پيٽ ڀري گذر سفر نه ٿا ڪري سگهن، هنن چيو ته 2021 سال ۾ مختلف بيمارين جنم ورتو ۽ سنڌ ۾ اغوا، لڄالٽ سميت بدامني وڌي وئي هئي، هنن چيو ته اميد آهي ته نئون سال 2022ع سنڌي عوام ۽ سنڌ لاءِ خوشحالي کڻي ايندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.