واٽر سپلاءِ اينڊ سينيٽيشن رٿائون مڪمل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي (پي ايڇ اي) کي هدايت ڪئي آهي ته 11.428 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيل 151 هلندڙ واٽر سپلاءِ اينڊ سينيٽيشن اسڪيمن کي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان مان لاڀ پرائي سگهن. پي ايڇ اي کاتي وٽ 15.5 ارب رپين جي 301 اسڪيمن جو پورٽ فوليو آهي جن مان 151 اسيڪمون هلندڙ آهن تنهنڪري انهن کي موجوده مالي سال جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پي ايڇ اي کاتي پاران شروع ڪيل ترقياتي اسڪيمن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري پي ايڇ اي سعيد اعواڻ، سيڪريٽري ناڻو آصف جهانگير، اسپيشل سيڪريٽري بلديات مصطفيٰ سهاڳ ۽ پي ايڇ اي کاتي جي انجنيئرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو ته ڪراچي جي منهوڙا ۾ ڊي سالينيشن پلانٽ لڳائڻ جي اسڪيم 427.648 ملين رپين سان شروع ڪئي وئي جيڪا جولاءِ 2022ع تائين فعال ٿي ويندي. هن چيو ته اهڙي ريت يونين ڪائونسل ڪاٺوڙ، ملير ڪراچي جي 48 ڳوٺن لاءِ 140.2 ملين روپين جي واٽر سپلاءِ اسڪيمون آهن جن ۾ الله بخش جوکيو يو سي درساڻو ڇنو ملير لاءِ 20 ملين رپين جي واٽر سپلاءِ اسڪيم، محمد بروهي ڳوٺ يوسي 30 چشما بن قاسم ملير لاءِ 20 ملين رپين جي اسڪيم، حب ڊيم مان 42 ڳوٺن کي 144.337 ملين رپين جون پاڻي جون اسڪيمون آهن، اولڊ مراد ڳوٺ يوسي 5 ڊسٽرڪٽ اولهه لاءِ 14.323 ملين رپين جي واٽر سپلاءِ لائين وڇائڻ، الٽرا فلٽريشن واٽر سپلاءِ پلانٽ ٽنڊو ڄام لاءِ 617.441 ملين رپين جون اسڪيمون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رٿائون جولاءِ 2023ع تائين مڪمل ڪيون وينديون.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.