نيوزيلينڊ کان نئين سال جي شروعات، آڪلينڊ ۾ جشن

آڪلينڊ (م ڊ) نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ کان نئين سال جي شروعات ٿي وئي.نيوزيلينڊ جي مقامي وقت موجب 12 ٿيندي ئي نئين سال جي شروعات ٿي وئي، ان موقعي تي آڪلينڊ ۾ رنگ برنگي آتش بازي ڪئي وئي ۽ لائٽ شو سان نئين سال جي آجيان ڪئي وئي .پاڪستاني وقت موجب شام 6 وڳي آسٽريليا ۾ به نئين سال جي شروعات ٿي ۽ سڊني هاربر تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو، ان دوران آسمان رنگين روشنين سان چمڪي پيو ۽ اتي موجود هزارين ماڻهن اهو منظر ڏٺو. .03

  • وزيراعظم پاران پاڪ فوج جي 4 جوانن جي شهادت تي افسوس

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جمعي تي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري آپريشن دوران پاڪ فوج جي 4 جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته ان جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته بزدل دشمن جو بهادر قوم سان مقابلو آهي جيڪا هر مشڪل وقت ۾ ثابت قدم رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.