گينگ وار جي ارشد پپو قتل ڪيس ۾نامزد انسپيڪٽر سميت 2 ڄڻا قتل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سولجر بازار ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري لياري گينگ وار جي سربراهه ارشد پپو  جي قتل ڪيس ۾ نامزد برطرف پوليس انسپيڪٽر سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. سينئر سپريٽينڊنٽ پوليس (ايس ايس پي) اوڀر  قمر رضا جسڪاڻي موجب واقعو سولجر بازار نمبر 2 ۾ ٿيو، جڏهن لياري جو رهواسي جاويد بلوچ ۽ محمد مصدق سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر  10 ۾ پيشي کانپوءِ  واپس گهر وڃي رهيا هئا. قمر رضا جسڪاڻي موجب پيڇو ڪري ايندڙ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار  چئن جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا. پوليس جي شروعاتي جاچ موجب واردات ۾ نائن ايم ايم پسٽل جو استعمال ڪيو ويو ۽ واقعي واري هنڌ تان گولين جا 13 خول مليا آهن. ايس ايس پي اوڀر موجب شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻنهي کي ذاتي تڪرار جي بنياد تي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو، مقتول جاويد بلوچ پوليس جو برطرف انسپيڪٽر هو، جنهن کي ارشد پپو قتل ڪيس ۾ گينگ وار جي سپورٽ ڪرڻ تي گرفتار به ڪيو ويو هو، ساڳئي ڪيس ۾ عذير بلوچ به گرفتار آهي. قمر رضا موجب علائقي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪيا ويندا ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو پتو لڳائڻ جي لاءِ پوليس جون ٽيمون متحرڪ ٿي ويون آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.