وزيراعظم مسلمان دنيا جي مشهور اسڪالرن اڄ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو

اسلام آباد (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان مسلمان دنيا جي مشهور ۽ اعليٰ اسڪالرن سان ڇنڇر ڏينهن خصوصي ويهڪ ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلنيجن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، جمعي ڏينهن وزيراعظم جي سياسي معاملن واري ترجمان ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي مسلمان دنيا جي مشهور ۽ اعليٰ اسڪالرن سان هڪ خصوصي ويهڪ ٿيندي جنهن ۾ وزيراعظم سوالن ۽ خيالن جي مٽاسٽا جي ان ويهڪ ۾ مسلمان امت جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندو، پهريون سيشن ڇنڇر تي منجهند جو 2 وڳي پي ٽي وي تان سڌو سنئون نشر ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.