کنڀيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو گهر پهچي ويو، گلن جي ورکا، امڙ جون چميون

نواب شاهه (رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري ) نواب شاهه لڳ بڇيري جي ڳوٺ قمر سھتو جو رھواسي نوجوان قومپرست شاگرد اڳواڻ ذاڪر حسين ولد قمر سھتو جيڪو 4 مھينا 16 ڏينھن اڳ ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي مان فيڪٽري ۾ مزدوري لاءِ وڃڻ دوران فليٽ تي رات جو سُتل ھُيو ته اڻڄاتل ھٿيار بندن ھٿان کنڀجي ويو جيڪو گذريل رات صبح جو 5 وڳي نوابشاھ سڪرنڊ روڊ تي باءِ پاس وٽ آزاد ڪيو ويو، جيڪو صبح جو پنھنجي ڳوٺ مائٽن وٽ پھتو، ذاڪر سھتو جئين ڳوٺ پھتو ته سندس جدائي ۾ روئي روئي بيحال ٿي ويل سندس امڙ کيس مسلسل ڳراٺڙيون پائي چميون ڏيندي رھندي، سندس آمد جي خوشي سڄي ڳوٺ ۾ محسوس ڪئي وئي جڏھن ته اھا خبر ذاڪر سھتو لاءِ مسلسل چار مھينا 16 ڏينھن نوابشاھ پريس ڪلب سامھون علامتي بُک ھڙتال تي ويٺل جسقم اڳواڻن سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، فراز عباسي، راشد چانڊيو، ذاڪر سھتو جو ڀاءُ ايڊوڪيٽ صابر سھتو، ناصر شاھ ۽ ٻين کي پئي ته انھن نوابشاھ پريس ڪلب پھچي سنڌي ميڊيا جا ٿورا مڃيا، رابطو ڪرڻ تي ذاڪر سھتو ٻڌايو ته کيس کنڀڻ کان پوءِ سندس اکيون ڪپڙي سان ٻڌيون ويون مسلسل 5،6 ڪلاڪن جي مسافري کانپوءِ کيس اڻڄاتل ھنڌ تي ھڪ اونداھي کولي ۾ بند رکيو ويو جتي مٿس جسماني توڙي ذھني تشدد ڪيو ويندو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.