اتروزيرستان ۾آپريشن، 4 اهلڪار شهيد، 2 دهشتگرد مارجي ويا

ٽانڪ (م ڊ) ٽانڪ ۽ مير علي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته آپريشن دوران 2 دهشتگرد پڻ مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ٽانڪ ۾ ڪارروائي ڪئي، مارجي ويل ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ شاهزيب عرف ذاڪر ۽ دانيال جي نالي سان ٿي. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.  پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ به دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب مقابلي دوران 4 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ بهاولنگر جو حوالدار منور، لڪي مروت جو ذڪاءُ الله، ڪوهاٽ جو فرحان ۽ ايبٽ آباد جو شيراز شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.