عوام کي نئين سال جو تحفو، پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيڪ 4 رپيا مهانگو

اسلام آباد(م ڊ) تبديلي سرڪار عوام کي نئين سال جو تحفو ڏيندي عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيڪ 4 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في لٽر اگهه ۾ 4 رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 144 رپيا 82 پئسا ٿي وئي آهي، اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت به 4 رپيا واڌ کانپوءِ في لٽر 141 رپيا 62 پئسن جو ڪيو ويو آهي، ناڻي واري وزارت موجب گاسليٽ جي اگهه ۾ 3 رپيا 95 پئسا في لٽر تي واڌ ڪئي وئي، جنهن بعد في لٽر 113 رپيا 53 پئسا ٿي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 15 پئسن جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد في لٽر 111 رپيا 6 پئسا ٿي ويو آهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت اوگرا جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان وزيراعظم آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي تحت پيٽروليم ليوي هدف کي پورو ڪرڻ لاءِ پيٽروليم شيون صرف 4 رپيا في لٽر مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، پيٽرول جون نيون قيمتون نئين سال جي شروعات سان ئي يعني رات 12 وڳي کان ئي لاڳو ٿي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.