وڏي مهانگائي بعد ننڍڙو تحفو، بجلي 99 پئسا سستي

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا جي ترجمان موجب بجلي جي اگهه ۾ في يونٽ 99 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي، جيڪا اپريل کان جون 2021 جي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي. ترجمان ٻڌايو ته بجلي سستي ڪرڻ جو فيصلو  وفاقي حڪومت جي منظوري بعد لاڳو ٿيندو، ان ڏس ۾ واهپيدارن کي 22 ارب رپين جو رليف ملي سگهندو. نيپرا ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته بجلي جي اگهه ۾گهٽتائي جي منظوري ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ سموري بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي لاءِ آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.