اسين ڪمزور ماڻهو آهيون، آئين تي هلندا آهيون: جسٽس قاضي فائز

ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شڪارپور ۾ 2018ع جي حدبندين خلاف ابراهيم جتوئي جي اين اي 198 ۽ 199 جي خلاف ضابطي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي تياري ڪري اچڻ جي مهلت ڏيندي ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اين اي 198جي ڪجهه علائقن کي ڪڍيو ويو آهي جنهن جي ڪري آبادي جو تناسب متاثر ٿيو آهي، جڏهن تي اليڪشن ڪميشن پنهنجو جواب جمع ڪرايو آهي، جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ٿي وئي آهي اوهان ڇا چاهيون ٿا؟ اليڪشن ڪميشن اوهان جي اعتراض کي رد ڪيو آهي، جسٽس فائر عيسيٰ وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، سپريم ڪورٽ مداخلت نٿو ڪري سگهي ، اسان ڪمزور ماڻهو آهيون، اسان آئين تي هلندا آهيون، اوهان ٻڌايو ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.