ڪراچي ۾ صحت کاتي جي آءِ ٽي اسٽاف جي پگهار نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال

ڪراچي  (رپورٽر) ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ صحت کاتي پاران قائم ويڪسينيشن سينٽر آءِ ٽي اسٽاف 8 مهينن کان پگهارون نه ملڻ تي ڪم جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. اسرار علي ملاح، پرهه ملاح، محسن، مريم، هُريرا، روحيل ۽ ٻين چيو ته 8 مهينن کان پگهارون ناهن مليون هنن چيو ته ڊي ايچ او پگهارن لاءِ رڳو دلاسا ڏئي رهيو آهي. ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو، ڊي ايچ او خاطري ڪرائي ته اوهان جي ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ٿي وئي آهي، جلد پگهارون ملنديون.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پگهارون نه ملڻ سبب ڪيترائي ملازم ڇڏي ويا آهن،انهن جون به اڃا پگهارون رهيل آهن، سندن چوڻ هو ته مجبور ٿي اڄ مجبور ٿي ڊيٽا انٽري واري عمل جو بائڪاٽ ڪيو آهي، اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين مطالبا تسليم نه ٿيندا احتجاج جاري رهندو.سياسي اڳواڻ فاروق ستار احتجاج ڪندڙ ملازمن وٽ پهچي خاطري ڪرائي ته توهان جا مطالبا جائز آهن، اعليٰ عملدارن سان ڳالهائي اوهان جو مسئلو حل ڪرائبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.