لاڙڪاڻي ۾ پراڻو پاڪستان بچايو تحريڪ جو ڀاڻ بحران خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پراڻو پاڪستان بچايو ڪارڪنن طرفان سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگائي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ قومي جهنڊو ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن سجاد حسين سومرو، لال خان مگسي، اظهر مگسي، گل نظر چانڊيو، لطف الله مري، بلاول مگسي ۽ ٻين چيو ته هڪ طرف مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ته ٻي طرف زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، جنهن عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته هارين ۽ آبادگارن کي ڀاڻ نه ملڻ جي صورت ۾ ڪڻڪ جو فصل نه ٿيندو، جيڪڏهن ڪڻڪ جو فصل نه ٿيندو ته اٽي جو سخت بحران ٿيندو، جنهن جي ڪري عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو. هنن مطالبو ڪيو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري مهانگائي کي ڪنٽرول ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.