ڀارت جي هڪ رياست ۾ پيٽرول 25 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو اعلان

دهلي (م ڊ ) ڀارتي رياست جھارکنڊ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 25 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڀارتي رياست جھارکنڊ جي وڏي وزير هيمنت سورن حڪومت جا ٻه سال پورا ٿيڻ تي پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. وڏي وزير جي آفيس هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته 25 روپيا (هندستاني) في ليٽر ٻن ڦيٿين (موٽر سائيڪلن ۽ اسڪوٽر) لاءِ جھارکھنڊ ۾ گھٽتائي وئي آهي. رياستي حڪومت موجب، گهٽتائي 26 جنوري 2022 کان لاڳو ٿيندي ۽ هر خاندان کي 10 ليٽر سبسڊي ڏني ويندي. وڏي وزير چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سان غريب ۽ وچولي طبقي جو عوام متاثر ٿي رهيو آهي ان ڪري کين رليف ڏيڻ لاءِ ٻه ڦيلي گاڏين لاءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.