اعظم جميل سياحت بابت خاص مددگار، وزيراعظم جي معاونن جو انگ 18 ٿي ويو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان، اعظم جميل کي ٽور ازم ڪوآرڊينيشن بابت خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيو. وزيراعظمعمران خان، اعظم جميل کي ٽور ازم ڪوآرڊينيشن بابت خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اعظم جميل جي خاص مددگار طور مقرري اعزازي بنياد تي هوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ٻئي خاص مددگار جي مقرريءَ کانپوءِ وزيراعظم جي خاص مددگارن جو انگ 18 ٿي ويو آهي، جن ۾ 12 غير چونڊيل شخصيتون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.