سنگرار جي پريا ڪماري آزاد نه ٿي، وارث پوليس کان مايوس

سکر (رپورٽ: اختيار علي چنا)  روھڙي لڳ سنگرار واري علائقي  مان گم ٿيل 7 سالن جي نينگري واري معاملي جو ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ آءِ  جي سنڌ  مشتاق مھر سنگرار ۾ چار دفعا  دورو ڪيو ان سان گڏ سنگرار ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري جاچ  ٽيم جوڙي جنهن ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو ايس ايس پي  ڪشمور امجد شيخ جي سربراھي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي پر  اڄ ڏينهن تائين پريا ڪماري جو ڪو پتو ناهي پيو. نينگري پريا ڪماري جا والدين مايوس ٿي ڪري مقامي درگاھ تي ويھي قران پاڪ کي لوڏڻ لڳا ياد رھي ته نينگري پريا ڪماري 10 محرم تي سنگرار واري علائقي مان گم ٿي ھئي.  جنهن جو  اڄ ڏينهن تائين پتو پئجي نه سگھيو آھي. آءِ جي سنڌ به صرف آسرا ڏيڻ ۾ پورو آهي .ھوڏانھن  سنڌ پوليس پوري  ضلعي  سکر ۾ نينگري پريا ڪماري جي گمشدگي جو اطلاع ڏيندڙ  لاءِ  50 لک روپين جي انعام وارا  پينا فليڪس لڳرايا. نينگري جي جاچ ۾ رڌل آھي جڏهن ته سنڌ پوليس پاران گرفتار ڪيل ڪجهه  شڪي ماڻھو  پڻ آزاد ڪري ڇڏيا آھن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.