مبارڪ هجي! ساهه کڻڻ تي ٽيڪس نه لڳو آهي: مفتاح اسماعيل

ڪراچي(رپورٽر) ناڻي واري اڳوڻي وزير ۽ ن ليگ جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل حڪومت تي چٿر ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي مبارڪ هجي جو هن ساهه کڻڻ تي ٽيڪس نه لڳايو آهي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، ساڍا 3 سئو ارب رپين جي ٽيڪسن سان مهانگائي ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته حڪومت پنهنجا خرچا گهٽ نه پئي ڪري انڪري ٽيڪس لڳائي رهي آهي. مفتاح چيو ته توشا خانه مان گهڙيون عمران خان کڻي وڃي ته ان تي ٽيڪس نه ٿو لڳي پر عوام لاءِ اهڙي ڪابه شيءُ ناهي جنهن تي حڪومت ٽيڪس نه هنيو هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.