جيڪب آباد ۾ مهمان ٿي آيل نوجوان ڪارنهن جي تهمت مڙهي قتل، ٻن ٻارن جي ماءُ زخمي

جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد واٽر سپلا پاڙي ۾ جوابدار علي بهادر لاشاري ڪارنهن جي تهمت هڻي پنهنجي ڀاڄائي 30 ورهين جي مسمات گلناز زال مير گل لاشاري کي پسٽل جا فائر ڪري زخمي ڪري ۽ گهر ۾ مهمان ٿي آيل مسمات گلناز جي سئوٽ روجهاڻ جمالي واسي 23 ورهين جي ياسين علي ولد محراب لنڊ کي فائر ڪري موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي زخمي ٿيل عورت ۽ نوجوان جو لاش سول اسپتال آندو، جتان زخمي عورت کي سخت پهري هيٺ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، صدر پوليس موجب جوابدار فرار ٿي ويو آهي سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.