عالمي سامراجي قوتون ملڪ تي قابض ٿي ويون آهن: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ مهراڻ سنڌي ۽ شبنم پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته هر آئي ڏينهن مهانگائي ۾ واڌ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي، عالمي سامراجي قوتون آءِ ايم ايف جي ذريعي سڌي ريت ملڪ تي قابض ٿي ويون آهن، آءِ ايم ايف قوتن جي دلال حڪمرانن اسٽيل مل سميت سوين عوامي ادارا وڪڻي ملڪ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي،  اسٽيٽ بينڪ کي آءِ ايم ايف وٽ يرغمال بڻائي ملڪي ناڻي کي عالمي سامراجي قوتن حوالي ڪيو ويو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ کي خودمختياري جي نالي ۾ آءِ ايم ايف جو قيدي بڻائڻ شرمناڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.