مني بجيٽ مان 2 ارب نه بلڪي 160 ارب روپين جو بار پوندو ؛ سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) وزير اطلاعات سنڌ سعيد غني چيو آهي ته مني بجيٽ مان 2 ارب نه بلڪي 160 ارب روپين جو بار عوام تي پوندو، دوائن جي خام مال تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ سان وڌيڪ مهانگائي ٿيندي، سنڌ ۾ اپوزيشن جماعتن کي سنڌ ۾ بدامني پکيڙڻ ۽ صوبي جي ماڻهن کي ويڙهائڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وفاقي حڪومت جي خلاف پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ۾ اسان وٽ احتجاج لاءِ گورنر هائوس آهي ان جي ٻاهر اسان پڻ احتجاج ۽ ڌرڻو هڻي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سعيد غني چيو ته عوام جي مٿان مهانگائي جو بم ڪيترن ئي ڏينهن کان ٻڌون پيا، ڪالهه ناڻي واري وزير چيو ته عوام تي ٻه ارب جو بوجهه پوندو جڏهن ته حقيقت اها آهي ته 160 ارب روپين جو بوجهه عوام تي پوندو. هن چيو ته دوائن جي خام مال تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ سان وڌيڪ مهانگائي ٿيندي. هن چيو ته اهي دعويٰ ڪندا آهن ته ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي پر انهن صنعتن جي سامان تي 112 ارب جا ٽيڪس لڳايا آهن. سعيد غني چيو ته بجلي، گيس، ڊالر، کنڊ سميت روزانو استعمال ٿيندڙ سموريون شيون مهنگي ٿيون آهن. اٽو، ڊيزل پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ان جو براه راست بوجهه عوام جي کيسن تي پئجي رهيو آهي. سعيد غني چيو ته ڪالهه ڪابينا مني بجيٽ منظور ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.