آءِ ايم ايف 700 اربن جي ٽيڪسن جو چيو، جي ايس ٽي ڇوٽ واپسي جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي:ايف بي آر چيئرمين

اسلام آباد (بيورو/ م ڊ) ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو آهي ته آءِ ايم ايف 700 ارب رپين جو ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو هو پر ان باوجود حڪومت دٻاءُ کي نظر انداز ڪندي صرف 343 ارب رپين جي سيلز ٽيڪس مان ڇوٽ گهٽائي آهي. حڪومت کي جي ايس ٽي تي ڇوٽ واپس وٺڻ جي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد چيو ته آءِ ايم ايف جو سدائين مطالبو رهيو آهي ته روينيو وڌايو ۽ سڌارا آڻيو، ماضي ۾ جڏهن به آءِ ايم ايف جو مطالبو آيو ته اسان نوان ٽيڪس لڳائي ڇڏيا پر پاليسي سطح تي تبديلين تي ڪنهن ڌيان نه ڏنو، ڇو ته اهي غير مقبول فيصلا هئا، آءِ ايم ايف کي ٽيڪس روينيو جي انگن اکرن سان مطلب آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف وڌيڪ پاليسي سطح تي سڌارن تي زور ڏيندو آهي، آءِ ايم ايف جو مطالبو هو ته سڀني شين تي 17 جي ايس ٽي لڳايو، جيڪڏهن ڪنهن کي سهولت ڏيڻي آهي ته سبسڊي ذريعي ڏني وڃي، آءِ ايم ايف جو مطالبو ٽيڪس فرق کي ختم ڪرڻ جو هو، اسان جو فوڪس به ٽيڪس فرق ۽ تضاد ختم ڪرڻ تي آهي، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته ٽيڪس کي پنهنجو روينيو گڏ ڪرڻ تائين رکو، سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ ذريعي جيڪي سڌارا متعارف ڪرايا ويا آهن، اهي تاريخي آهن، پاڪستان ۾ ٽيڪسن جون جيتريون مراعتون آهن، ان حساب سان پاڪستان کي دنيا جو سڀ کان وڏو صنعتي ملڪ هجڻ گهرجي پر مراعتن باوجود پاڪستان دنيا جو وڏو صنعتي ملڪ ناهي، ايف بي آر چيئرمين چيو ته اهي فيصلا ملڪي معيشت لاءِ ۽ ڊاڪومينٽيشن لاءِ ضروري هئا، حڪومت وٽ روينيو وڌيڪ ايندو ته ٽارگيٽڊ سبسڊي وڌيڪ ڏئي سگهبي، آءِ ايم ايف جي پروگرام مان نڪري وڃون ته هڪ ئي بجيٽ پيش ٿيندي. هن اعتراف ڪيو ته فارما سيڪٽر جو 700 ارب رپين مان 530 ارب رپين جو ڪاروبار غير دستاويزي آهي، ڪاسميٽڪس سميت ٻين شعبن ۾ ٽيڪسز جي ڇوٽ جو غلط استعمال ڪيو ويو، آمدني ۾ ان سيڪٽر جو حصو تمام گهٽ هو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو ڪڙو شرط ٽيڪسز گڏ ڪرڻ آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ لاڳو آهي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته ٽريڪٽر، يوريا ڀاڻ، جيت مار دوائن ۽ عام واهپي جي شين کي سيلز ٽيڪس کان بچايو آهي. هن چيو ته عام ماڻهن جي استعمال وارين ڪجهه شين تي ٽيڪس لڳايو آهي، ڪمپيوٽرز ۽ سلائي مشينن، ماچيس، لوڻ، مرچ ۽ ڳورهارين عورتن جي دوائن تي ٽيڪس لڳايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.