ملڪ اندر دهشتگردي ۾ 56 سيڪڙو واڌ، سنڌ ۽ گلگت بلتستان آجا

اسلام آباد( م ڊ) ملڪ اندر 2017ع بعد گذريل سال دهشتگردي ۾ واڌ ٿي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اينڊ ڪنفلڪٽ اسٽڊيز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2021ع ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 56 سيڪڙو واڌ ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ گلگت بلتستان کان سواءِ هر صوبي ۾ دهشتگردي ۾ واڌ ٿي. دهشتگردي جي واقعن ۾ 184 عام شهري ۽ 192 اهلڪار شهيد ٿيا، 188 دهشتگرد ماريا ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد حملن ۾ 606 ڄڻا زخمي به ٿيا. بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر رهيو، خيبر پختونخوا جي قبائلي ضلعن ۾ 103 حملا ٿيا. 2017ع بعد 2021ع ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جا واقعا ٿيا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.