مديني رياست آڏو ايشين ٽائگر ڪجهه ناهي، وقت ٻڌائيندو ته ميٽرو ٽرين بهتر آهي يا صحت ڪارڊ: وزير اعظم

لاهور (م ڊ ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پهريون ڀيرو مديني جي رياست ۾ ڪمزور طبقي جي ذميواري رياست کنئي، جنهن کانپوءِ  مديني جي رياست آڏو ايشين ٽائيگر به ڪا شئي ناهي. گورنر هائوس لاهور  ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته صحت ڪارڊ جهڙو انقلابي فيصلو هر ڪو نٿو ڪري سگهي، صحت ڪارڊ تي 10 لک رپين تائين علاج ڪنهن به اسپتال مان ڪرائي سگهجي ٿو، پنجاب ۾ هر ڪٽنب کي صحت ڪارڊ جي سهولت ملندي. هن چيو ته فلاحي رياست اُها هوندي آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي ترقي ۽ خوشحالي جو موقعو ملي، پهريون ڀيرو مديني جي رياست ۾ ڪمزور طبقي جي ذميواري رياست کنئي پر فلاحي رياست جو ماڊل اڄ مسلمان ملڪن  ۾ نظر نٿو اچي، رڳو يورپ ۾ نظر اچي ٿو، اسان کي اُن رستي تي اچڻو آهي، جيڪو قوم جي عظمت جو رستو آهي. وزير اعظم چيو ته مديني جي رياست آڏو ايشين ٽائيگر به ڪا شئي ناهي، اسان پاڪستان کي عظيم رستي تي هلائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسوا حسنيٰ تي هلڻ جو حڪم اسان جي بهتري لاءِ ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت اسپتالون ٺاهڻ جي لاءِ پئسا نه لڳائيندي، ماڻهو پاڻ اچي اسپتالون ٺاهيندا، اسان چاهيون ٿا ته پري پري جي ماڻهن کي علاج جي سهولت ملي، مارچ تائين پنجاب ۾ سمورن گهراڻن کي صحت ڪارڊ ملي ويندا، وقت ٻڌائيندو ميٽرو ٽرين ملڪ کي وڌيڪ فائدو پهچائيندي يا صحت ڪارڊ پهچائيندا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.