ايل پي جي 6 رپيا سستي، گهريلو سئلينڊر اگهه ۾ لاٿ

اسلام آباد( م ڊ) عوام کي نئين سال جو تحفو، ايل پي جِي جو گهريلو سلينڊر 69 رپيا 63 پيسا سستو ٿي ويو ۽ نيپرا بجلي ٽن مهينن لاءِ 99 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.اوگرا پاران جاريل ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جِي جَي گهريلو سلينڊر جِي نئين قيمت 2 هزار 320 رپيا 81 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي ، جڏهن ته  في ڪلو ايل پي جِي قيمت  5 رپيا 90 پيسا سستي ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب، ايل پي جي جو  نئون اگهه 169 رپيا 69 پيسا ٿي ويو، نوان اگهه پهرين جنوري کان لاڳو هوندا. ٻئي پاسي نيپرا بجلي ٽن مهينن لاءِ 99 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.  نيپرا  موجب، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري سال 2021ع جي آخري ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي، فيصلي سان واهپيدارن کي 22 ارب 48 ڪروڙ رُپين جو رليف ملندو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.