عمرڪوٽ جي اسپتال ۾ دوائون نه هجڻ سبب ماڻهو مري رهيا آهن: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ عمرڪوٽ جي سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سميت چئن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس محمد علي مظهر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته عمرڪوٽ ۾ دوائون ناهن، ماڻهو مري رهيا آهن، توهان کي ڪهڙي ضمانت ڏيون، جسٽس محمد علي مظهر وڌيڪ چيو ته ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي خبر ناهي آهي ته 42 ملين رپين جون دوائون ڪٿي ورهايون ويون آهن، جسٽس سجاد علي شاهه پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته دوائن جي خريداري ۾ فراڊ سنگين ڏوهه آهي، گرفتاري کان اڳ واري ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، جڏهن ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي 25 ملين رپين جي بجيٽ جي خبر نه آهي، عدالت چيو ته اوهان درخواستون واپس وٺي گرفتاري ڏيو، پوءِ ضمانت ڪرايو. عدالت جوابدارن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آهن. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته اوهان تي الزام آهي ته توهان ڪڏهن به دوائون خريد نه ڪيون آهن، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ان بجيٽ تي ڪوبه ٽينڊر جاري نه ڪيو ويو آهي، عدالت جي حڪم تي جوابدارن پنهنجون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون، جوابدارن ۾ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر صغير، ڊاڪٽر ڄام، علي نواز  ۽ رميش شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.