لاهور ۾ ن ليگ جو ايم پي اي بلال ياسين قاتلاڻي حملي ۾ زخمي

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جو پنجاب اسيمبلي ميمبر بلال ياسين هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿي پيو، پوليس موجب موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن بلال ياسين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو، کيس ميو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن موجب بلال ياسين کي پيٽ ۾ 2 گوليون ۽ هڪ گولي ڄنگهه ۾ لڳي، ٻي پاسي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي سي سي پي او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ سندس علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.، ٻي طرف ن ليگ اڳواڻ شهباز شريف ۽ مريم نواز واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بلال ياسين تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.