ڪورونا ويڪسين جي اڻ برابر ورڇ، ايمنسٽي جي مذمت

لنڊن (م ڊ) ايمنسٽي انٽرنيشنل سڄي دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جي اڻ برابر ورڇ جي مذمت ڪئي آهي. لنڊن ۾ انساني حقن جي ان عالمي تنظيم چيو ته دولتمند ملڪ ۽ دوا ساز ڪمپنيون ويڪسين جي منصفاڻي ورڇ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن. عالمي سطح تي ڪيترائي ماڻهو زندگي بچائڻ جي ان ويڪسين تائين پهچ کان اڃا تائين محروم آهن. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي جنرل سيڪريٽري اگنس ڪالامارڊ تنقيد ڪندي چيو ته ڪورونا ويڪسين جون 11 ارب خوراڪون تيار ڪرڻ باوجود گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ رڳو 7 سيڪڙو ماڻهو ئي ويڪسين جي پهرين خوراڪ حاصل ڪري سگهيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.