آتش بازي روڪڻ جي درخواست رد، عوام کي تفريح ڪرڻ ڏيو:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين سال جي موقعي تي آتشبازي کان روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. هڪ شهري  هين وڳي جي لاءِ جاري ڪيل اين او سي واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي ۽ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر 31 ڊسمبر جي رات جي لاءِ اين او سي جاري ڪئي. جي ٽي روڊ  به گڏ آهي، ان ڪري آتشبازي جي اجازت نه هجڻ گهرجي. درخواستگذار جي وڪيل چيو  ته نوجوان ون ويلنگ سميت ٻيون حرڪتون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته  اهو هتي نه پر پوري دنيا ۾ ٿي رهيو آهي، سعودي عرب ۾ به ٿيو آهي، عوام کي تفريح ڪرڻ ڏيو. عدالت فائر ورڪ روڪڻ جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.